امير علي ولد محمد چانڊيو 24 مئي 1949ع تي ڳوٺ شاهه محمد چانڊيو لڳ قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هي سٺو نثرنگار، شاعر، نقاد ۽ لطيف جي ڪلام جو انگريزيءَ ۾ مترجم هو. امير علي چانڊيو شروع ۾ ڀر واري ڳوٺ آباد جي ملا مڪتب ۾ پڙهيو ۽ پوءِ پنهنجي والد سان گڏ اچي لاڙڪاڻي ۾ رهيو. جتي انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ وڃي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. جتان 1973ع ۾ ايم. اي انگريزي ڪيائين. جنهن کانپوءِ پاڻ ڪراچيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران سي. ايس. ايس جو مقابلي وارو امتحان پاس ڪري ورتائين. جنهنڪري کيس اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ پوليس منتخب ڪيو ويو ۽ پوءِ ايس.پي ٿيو ۽ پنهنجي سروس دوران سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهيو. آخر ۾ اڻويهين گريڊ ۾ ڊي. آءِ. جي جي عهدي تي پهتو.
امير علي چانڊيو شاگردي واري زماني کان ئي ادب سان شوق رکندو آيو. هن شاعري به ڪئي. گيت، غزل، وايون ۽ ڪافيون لکيائين. کيس راڳ جي به سٺي ڄاڻ هئي. ان سلسلي ۾ مشهور راڳي مٺو ڪڇيءَ کي پنهنجو استاد بڻايائين. بهترين نثرنگار ۽ نقاد به هو. مهراڻ، ٻين رسالن ۾ شاهه لطيف، شيخ اياز ۽ تاج بلوچ جي شاعريءَ بابت سندس مقالا ۽ تنقيدي مضمون ڇپيا. امير علي چانڊيي کي ادب جي تاريخ ۾ جنهن ڪم سبب هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو، سو آهي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي بيتن جو انگريزي ۾ سندس ترجمو. سندس شاهه جا ترجمو ڪيل بيت ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ روزانو هڪ هڪ بيت به شايع ٿيندا رهيا. ان کانسواءِ هن شيخ اياز تي تمام علمي انداز ۾ فني پهلوئن جي حوالي سان عملي تنقيد ڪئي ۽ شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جا نظم سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. امير علي چانڊيي 12 آڪٽوبر 1996ع تي حيدرآباد ۾ وفات ڪئي.[1]



پڻ ڏسندا

سنواريو