شيرين -امير بيگم ڀٽو-، اڳوڻي وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جي پهرين گهر واري ۽ سئوٽ هئي. سندن شادي 1951ع ۾ ٿي. جڏهن ڀٽو صاحب 23 سالن جو هو ۽ -بمبئي- ۾ زير -تعليم- هو. جڏهن پاڻ اعليٰ -تعليم- لاءِ لنڊن روانو ٿيو ته هوءَ نئين ديري موٽي آئي ۽ -ان- بعد اتي ئي رهڻ لڳي. کيس ڪو به اولاد نه هو. هن لبنيٰ نالي هڪ ڇوڪريءَ کي گود ورتو، جيڪا هن وقت سعودي عرب ۾ رهي ٿي. جڏهن -ڀٽي- صاحب کي موت جي سزا ٻڌائي ويئي هئي ته -ان- وقت هن 8 ۽ 28 مارچ تي ساڻس راولپنڊي جيل ۾ ملاقات ڪئي هئي. شيرين -امير- بيگم کي بينظير ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو، شاهنواز ڀٽو ۽ صنم ڀٽو سان ڏاڍو پيار هو. 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو پهريون دفعو چونڊون لڙيون ته -تڪ- ۾ ڪيترن هنڌن تي هوءَ ساڻس گڏ ورڪ ڪرڻ به وئي هئي. هوءَ19 -جنوري- 2003ع تي دل جي دوري پوڻ سبب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ گذاري ويئي. کيس ڳڙهي خدا بخش ۾ -ڀٽي- خاندان جي اباڻي قبرستان ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي قبر جي ويجهو دفنايو ويو.[1]