امير بخش فقير (راڳي)

امير بخش 1918ع ڌاري جمڙائو واھ جي دلور موريءَ لڳ ڳوٺ الھيار خان ڪلوئي ۾ ڄائو. پاڻ اصل نسل زميندار هو. ذات جو ڪلوئيءَ هو. پر زمينداري ڇڏي يڪتارو ۽ کڙتال هٿ ۾ کنيائين. يڪتارو اهڙو تہ سر سان وڄائيندو هو، جو ان جي تند جو سوز وجود ۾ پيھي ويندو هو. ٻيراڻيءَ واري پريل فقير جو مريد ٿيو. فقير صاحب کي شاعري ۽ راڳ پنھنجي والد کان ورثي ۾ مليو هو، جيڪو منٺار فقير جو شاگرد هو. ائين منٺار فقير سندس ڏاڏو مرشد ليکبو. هن منٺار فقير کي بہ ڏاڍو ڳايو. 1958ع ڌاري ريڊيو تي پھتو. پاڻ ڪافي ڳائڻ جي لحاظ کان منفرد انداز رکندڙ هو. يڪتاري سان گڏ کڙتال، گهڙو، ڍولڪ ۽ دنبورو کڻندو هو. سندس ڳچيءَ ۾ ڪنٺو، ڳيڙو پٽڪو، گيڙو رنگ جو پھرياڻ پاتل سدائين، صوفياڻي سفر ۾ هوندو هو. سندس انداز جو يڪتاري ۽ کڙتال تي ڪافيون ڳائيندڙ فنڪار سنڌ اڃا پيدا ڪري نہ سگهي آهي. پاڻ دم جي بيماريءَ ۾ سال 1986ع ۾ وفات ڪري ويو.[1]

حوالا سنواريو