امير بخش امير قريشي

اميربخش قريشي ولد -امام- بخش، شڪارپور ۾ 1906ع ڌاري ڄائو. شاعريءَ جو آغاز 1930ع کان ڪيائين. -امير- قريشي مشهور شاعر ۽ نثر نويس ٿي گذريو آهي. شڪارپور ۾ ئي کيس ادبي ماحول مليو. -ان- ڪري هن 20 سالن جي ڄمار کان شاعري شروع ڪئي ۽ ادبي محفلن ۾ حصو وٺڻ لڳو. خوراڪ کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. شاعريءَ ۾ سندس -استاد- سرشار عقيلي هو. پاڻ ”محفلِ احباب“ جو صدر، ”-جمعيت- الشعراءِ“ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڪيترن ئي ادبي ادارن جو سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. سندس تصنيفن ۾ ’جهنگل‘ (ناول)، ’-انور-‘ (ناول)، ’بياضِ -امير-‘ (شاعري) ۽ ’شڪوه جواب شڪوه‘ (شاعري) جو ترجمو قابل ذڪر آهن. پر اُهي ڪتاب اڃا شايع نه ٿيا آهن. خوراڪ کاتي ۾ هڪ اعليٰ عهدي -تان- رٽائر ڪري، ڪجهه وقت شڪارپور ۾ سڪونت پذير ٿيو، بعد ۾ ڪراچي منتقل ٿيو. پاڻ نهايت ئي نيڪ ۽ مهمان نواز طبيعت جو مالڪ هو. 1978ع ڌاري وفات ڪيائين.[1]