اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي

آمريڪن انسٽيوٽ آف سنڌالاجي (The American Institute of Sindhulogy)، هن اداري جو افتتاح 6 -آگسٽ- 2000ع ۾ شڪاگو شهر ۾ اڳوڻي ڀارتي وزير قانون رام جيٺملاڻيءَ هٿان ڪرايو ويو. -ان- تقريب ۾ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رهندڙ سنڌين جو وڏو انگ شريڪ هو. هن اداري جي قيام جو مقصد اتان جي رهندڙن لاءِ سنڌ جي -تاريخ- ۽ -ثقافت- کي اجاگر ڪرڻ آهي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي، جي مشن ۾ سنڌيت کي هٿي وٺرائڻ ۽ اُتان جي سنڌي رهاڪن وچ ۾ محبت وڌائڻ شامل آهي.[1]

حوالا سنواريو

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو