اُستاد -اميد علي خان- هڪ مشهور گويو ٿي گذريو آهي، سندس تعلق موسيقيءَ جي گواليار گهراڻي سان هو. هي حيدرآباد دکن ۾ ڄائو. سندس والد -استاد- پياري خان گواليار مان لڏي حيدرآباد سنڌ ۾ اچي -آباد- ٿيو. هن گهراڻي جو نسبي تعلق سڌوسنئون تانسين سان آهي. ماضيءَ ۾ ميان مهر بخش ۽ -استاد هدو خان- وارا هن گهراڻي جا مڃيل گويا هئا. اُميد علي خان راڳ جي سکيا پنهنجي والد کان ورتي. پوءِ پٽيالا گهراڻي جي -استاد عاشق علي خان- جو شاگرد ٿيو. -ان- وقت زاهده پروين، مختيار بيگم، الهڏنو نوناري، ۽ فريده خانم وغيره به -استاد عاشق علي خان- جي شاگرديءَ ۾ هئا. -استاد- -اميد علي خان- جي راڳ ۾ پٽيالا ۽ گواليار ٻنهي گهراڻن جون امتيازي خاصيتون گڏ ٿيل هيون. هن جو اسلوب نهايت سادو ۽ سمجهڻ جهڙو هو. -اميد علي خان- جي رهائش حيدرآباد ۾ هئي. پاڻ ڪيترو ئي وقت ريڊيو -پاڪستان-، حيدرآباد سنڌ سان لاڳاپيل رهيو. 10 -جنوري- 1979ع تي فالج جي مرض سبب وفات ڪيائين. کيس ”حسن ڪارڪردگيءَ“ جو اعزاز به مليل آهي. هينئر سندس ٻه ڀائٽيا حميد علي خان ۽ فتح علي خان سندس ميراث کي زندهه رکيو اچن.[1]

حوالا سنواريو