امر فياض ٻرڙو

ليکڪ، سنڌي ٻوليءَ جو انجنيئر
(امر فياض کان چوريل)

امر فياض حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول 2016 ۾

امر فياض ٻُرڙو، ( انگريزي ٻولي: Amar Fayaz Buriro) پھرين 1 ڊسمبر 1967ع تي پاڪستان جي صوبي سنڌ جي هڪ قديم رياست خير پور ميرس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڄاڃي ٻُرڙو ۾ ڄائو. امر هاڻي سنڌي ٻوليءَ جو انجنيئر[1]، اديب ۽ بلاگر آهي. سندس والد جو نالو حمز علي ٻُرڙو هو. جيڪو تر جو هڪ ڏاهو، انسان دوست ۽ پيار ڪندڙ ماڻهو هو کيس پنهجي ديس ۽ ٻولي سان بي انتها پيار هو، جنهن امر فياض سميت پنهجي اولاد جي تمام بهترين تربيت ڪئي.[2]

تعليم سنواريو

امر ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ ڄاڃي ٻُرڙي جي هڪ مدرسي ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڄاڃي ٻرڙي مان حاصل ڪئي، پوءِ گورنمنٽ ناز هاءِ اسڪول خير پور ميرس مان 1983ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبرن سان پاس ڪري، گونمنٽ ڪالج آف ٽيڪنالاجي، خير پور ميرس مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ ڊپلوما جي ڊگري، 1988ع ۾ حاصل ڪئي. اڳتي هلي نوڪريءَ دوران شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خير پور ميرس مان ماسٽرس ڊگري سوشيولاجيءَ ۾ پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان حاصل ڪئي.

ڪم ڪارين جو سفر سنواريو

تعليم مان فارغ ٿي امر فياض ريڊيو پاڪستان جي انهن اوائلي انائونسرن مان هڪ ٿيو جن ريڊيو اسٽيشن خيرپور تي شروعاتي پروگرام ڪيا. امر سن 1990 ۾ پاڪستان ريلويز ۾ سب انجنئير طور چونڊيو ويو ۽ 1999ع تائين ريلويز ۾ ڪم ڪندو رهيو، پر اتان جي ماحول مان بيزار ٿي هن ريلويز ڇڏي ڏني ۽ بين الاقوامي معيارن کي پرکڻ واري اداري (ISO) ۾ ريجنل انسپيڪٽر طور ڀرتي ٿيو،[3] وري ڪاسموس ڪميونيڪيشنز ۾ جنرل مينيجر طور خدمتون ادا ڪيائين. بعد ۾ يونائيٽيڊ نيشن ۾ ڪميونيڪيشن آفيسر طور ڪم ڪرڻ لڳو، اتان هن ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ ۾ مهارتون حاصل ڪندو نيٺ پهريون ڀيرو اردو نستعليق نالي ”امر نستعليق“ جو بنياد وڌو، ۽ ڪراچي جي هڪ نجي يونيورسٽيءَ ۾ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ انفارميشن ٽيڪنالاجي طور کنيو ويو[4]. جنھن کان پوءِ امر سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ جي اهم شاخ لئنگئيج انجنيئرنگ سان سلهاڙيل شعبي جو ڪنسلٽنٽ طور ڪم ڪيو. ھاڻي امر فياض سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران قائم ڪيل اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ حيدرآباد ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر طور سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽائيزيشن تي ڪم ڪري رھيو آھي.

ڪارناما سنواريو

امر فياض ٻرڙي کي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ڏنل گولڊ ميڊل
  • 1996 ۾ پاڪستان جي وڏي انگريزيءَ کان انگريزي ۽ سنڌي ڊڪشنري ترتيب ڏنائين. جيڪا لاهور جي اشاعتي اداري اوريئٽل بڪ سوسائٽيءَ وارن 1997 ۾ ڇپي پڌري ڪئي.
  • اردو ٻوليءَ جو پهريون ويب بيسڊ نستعليق فونٽ ٺاهيو جنهن جو نالو پنهنجي نسبت سان ”امر نستعليق“ رکي پڌرو ڪيائين جيڪو انتھائي هلڪو هئو ۽ جيڪو ويب سائيٽن تي لڳي پئي سگهيو[5].
  • سنڌي ٻولي کي ويب پيج تي ٽيڪسٽ بيسڊ اھڙو ڪري ويو جو اھا ھڪ ئي وقت مختلف ٻولين جا فونٽ کڻي پئي سگهي. جيڪو ڪم سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار عبدالماجد ڀرڳڙيءَ پنھنجي ويب سائيٽ کي امر کان ئي ٺهرايو.[6]
  • سنڌي ٻولي کي گوگل جي ٻولين واري فھرست ۾ شامل ڪرائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيائين.
  • سنڌي ٻوليءَ جي منفرد اکرن کي جاوا ۽ اجڪس ۾ پھريون ڀيرو شناخت ڏنائين جنھن سان ويب جي پروگرامنگ پاڻمرادو سنڌي ٻولي محسوس ڪري ان جي سڌائي ۽ فونٽ کڻي سگهي، جنھن پروگرامنگ کي ورلڊ وائيڊ ويب ڪنسورشيئم معياري سمجهي سڄي دنيا ۾ فعال ڪرايو.[7]
  • امر فياض پنھنجي ٽيم جي اڻٿڪ محنتن کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو پھريون او سي آر بڻائي عام ڪيو.[8]
  • ھن پھريون ڀيرو شاھ جي رسالي جو ڪارپس سھيڙي سڄي شاھ جي رسالي مان اکري ۽ لفظي ڇيد ڪري دنيا جي پروگرامرن لاءِ عام ڪيو. [9]
  • امر فياض ٻرڙي انڊرائيڊ سرشتي جي ڪيبورڊ مائڪروسوفٽ سويفٽ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي خودڪار اڳڪٿ شامل ڪئي، جنھن ۾ شاھ جو سڄو رسالو، پھاڪا ۽ عام جملا اڳواٽ رکيائين.

ادار سازي سنواريو

امر سنڌي ٻوليءَ جي آئيندي کي مڪمل طور تي محفوظ ڪرڻ لاءِ حڪومت سنڌ کي سنڌي ٻوليءَ جي لئنگئيج انجنيئرنگ لاءِ خودمختيار اداري ٺاھڻ لاءِ پيشڪاري ڏني، جنھن سان حيدرآباد ۾ ”عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ“ جڙي راس ٿيو جتي اڄ سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڊجيٽائيزيشن تي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ٽيم جي سربراھي ڪري رھيو آھي.[10][11][12]

مڃتائون سنواريو

  • سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران سنڌي ٻوليءَ جي خدمتن تي گولڊ ميڊل [13]
  • شاھ جي رسالي جي مڪمل ڊجيٽائيزيشن تي 2017 ۾ لطيف ايوارڊ [14]
  • مادر وطن ايوارڊ جيڪو سنڌ ترقي پسند پارٽي يوم مادر وطن تي کيس ڏنو.[15][16]

حوالا سنواريو

  1. آرڪائيو ڪاپي (PDF), وقت 2018-11-23 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-08 
  2. Abro, Zahida. "امر فياض ٻرڙو کان (اپريل 2017) ۾ ورتل انٽرويو.". Humsari. حاصل ڪيل 2023-02-10. 
  3. Roshni. "Roshni MC-2k13: Profile - Amar Fayaz by Shahnawaz Khaskheli". Roshni MC-2k13. حاصل ڪيل 2023-02-10. 
  4. Amar Fayaz Buriro – “Sky’s The Limit” | Indus Asia Online Journal (iaoj)
  5. امر نستعلیق ریلیز! | اردو محفل فورم
  6. امر فياض ٻرڙو, وقت 2016-06-02 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-06-15 
  7. MB Samar Sindhi Text Recognizer Script, وقت 2016-08-07 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-08-08 
  8. Sindh Express News Story[مئل ڳنڍڻو]
  9. "شاھ جي رسالي جو لفظي اڀياس". عبدالماجد ڀرڳڙي. حاصل ڪيل 2023-02-10. 
  10. "سنڌي ٻوليءَ لاءِ انفرادي طور ماڻهن تمام بهترين ڪم ڪيو آهي:اظهر شاهه". Daily Sindh Hyderabad. حاصل ڪيل 2023-02-10. 
  11. Moderator, The Time News. "ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ پاران سنڌي سڀيتا لکتن جو فونٽ “ آءِ وي سي اسڪرپٽ فونٽ” متعارف". The Time News. حاصل ڪيل 2023-02-10. 
  12. "ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيو آف لئنگئيج انجينئرنگ". حاصل ڪيل 2023-02-10. 
  13. Moderator, The Time News. "ھڪ جپسي ڪالم ... رات ۽ ڪمپيوٽر تي جھڪيل ھڪ پاڇو". The Time News. حاصل ڪيل 2023-02-24. 
  14. S, Author: Tariq; ilo. "ڀٽ شاهه: پڄاڻي واري تقريب ۾ بلاول ڀٽو زرداري پاران لطيف ايوارڊ تقسيم ڪيا ويا – روزاني سرواڻ". حاصل ڪيل 2023-02-10. 
  15. "امر فياض ٻرڙو کي مادر وطن اوارڊ ڏنو ويو". Awami Awaz (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2023-02-25. 
  16. Moderator, The Time News. "يوم مادر وطن جلسي ۾ امر فياض ٻرڙو کي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو ايوارڊ ڏنو ويو". The Time News. حاصل ڪيل 2023-02-25.