ھيءُ ڳوٺ تعلقي ڳڙهي ياسين جي ديهه امروٽ ۾ -آباد- آهي، جنهن ۾ -امروٽ شريف- کان علاوه ’ڪلر -آباد-‘ (-جت-) ۽ ’ساهڙ‘ ڳوٺ به آهن. هتي پرائمري ۽ هاءِ اسڪول موجود آهي. هتي اسپتال جي سهوليت به موجود آهي. هيءُ ڳوٺ مشهور سياسي ۽ ديني شخصيت سيد -تاج- محمود امروٽيءَ جي ڪري مشهور آهي، جنهن کي عام طرح مولانا -تاج- محمود امروٽي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هن ڳوٺ ۾ مشهور تاريخي مدرسو آهي، جنهن جو باني مولانا -تاج محمود امروٽي- هو، جنهن اهو مدرسو 1308ھ/ 1890ع ۾ قائم ڪيو. مولانا صاحب مدرسي جي سنڀال ۽ درس لاءِ وقت جي وڏي عالم مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي مهتمم مقرر ڪيو. مولانا عبيدالله سنڌيءَ، امروٽ ۾ مولانا امروٽيءَ جي زيرنگرانيءَ پهريائين ديني درسگاهه کولي، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ -بلوچستان- جا شاگرد پڙهڻ آيا. هن مدرسي جو نالو ”دارالعلوم قاسميه“ رکيو ويو. سيپٽمبر 1923ع ۾ -ان- کان پوءِ مولوي عبدالرئوف سومرو مرزاپوري، مولوي يارمحمد سومري مرزاپوري، مولانا عبدالعزيز ٿريچاڻي (ضلعو -ٿر-)، مولانا احمد علي لاهوري، مولانا خوش محمد (ميروخان ضلعو لاڙڪاڻو) وغيره جا نالا، -ان- مدرسي جي شاگردن ۾ قابل ذڪر آهن، جيڪي پنهنجي وقت جا فياض ۽ جيد عالم به ٿي گذريا آهن. امروٽ جي دارالعلوم جي ٻي اهم خصوصيت اها هئي، جو ٻين علمن سان گڏ طالب علمن ۾ وطن جي حب، آزاديءَ ۽ جهاد جو جذبو به پيدا ڪيو ويندو هو. هن مدرسي مان فارغ التحصيل عالمن، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر ديني ۽ قومي -اصلاح- لاءِ نمايان ڪم ڪيو. مولانا امروٽيءَ جي شاگردن ۽ مريدن ۾ شاهه ولي -الله- جي -تعليم- ايڏو اثر ڪيو، جو سنڌ مان -بدعت- ۽ بداعتقاديءَ جي پاڙ پٽجي وئي.[1]

حوالا سنواريو