امرتا پريتم
امرتا پريتم- پنجابي ٻوليءَ جي بهترين ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعره رهي آهي. سندس اصل نالو امرت ڪور هو. هوءَ 31 -آگسٽ- 1919ع ۾ گوجرانوالا (پنجاب) ۾ گياني ڪرتار سنگهه جي گهر ۾ پيدا ٿي. هوءَ سڄي هندستان ۾ پهرين پنجابي شاعره، ناول نگار، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار طور سڃاتي وڃي ٿي. پنهنجي پيءُ کان گرمکيءَ ۾ لکڻ پڙهڻ سکيائين. -امرتا پريتم- شروع ۾ شاعري ڪئي. هن جو پهريون شعري مجموعو ”امرت لهران“ سورهن سالن جي عمر ۾ 1936ع ۾ ڇپيو، هيل تائين هن جا ڪيترائي شاعريءَ، ڪهاڻين، ناولن ۽ ذاتي زندگيءَ متعلق ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، -جن- مان 1- پنجر (ناول) 2- ڊاڪٽر ديو 3- ساگر -اور- سپيان 4- رنگ ڪا ڪا پتا 5- دلي کي گليان 6- تيرهوان سورج 7- ياتري (ناول)، 8- ڪهانيان جو ڪهانيان نهين (ڪهاڻيون) 9- ڪهانيون ڪي آنگن ۾ (ڪهاڻيون)، 10- امرت لهران (شاعري)، 11- جيوندا جيون (1939ع: شاعري)، 12- تريل ڌوتي پهل (شاعري:1942ع) 13- گيتان واليان (شاعري: 1942ع)، 14- بدلام دي لالي (شاعري: (1943ع)، 15- لوڪ ڀيڙا (شاعري: 1944ع)، 16- -پٿر- جيتي (شاعري:1946ع)، 17- پنجابي دي آواز (شاعري: 1952ع)، 18- سنهري (شاعري:1955ع)، -19 ڪستوري (شاعري:1957ع)، 20- ناگ مني (شاعري:1964ع) 21- -آتم ڪٿا-. ’رسيدي -ٽڪيٽ-‘، ’ريشمي ڌاڳي‘، ’محبت نامي‘ وغيره اهم آهن. انهن ڪتابن جا -اردو- ۽ سنڌيءَ کان سواءِ ٻين ڪيترين ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. امرتا 1961ع تائين آل -انڊيا- ريڊيو لاءِ ڪم ڪيو، سندس تحريرون -انگريزي-، فرينچ، ڊينش،جپاني، سنڌي،اردو، بنگالي- ۽ ٻين ٻولين ۾ ترجما ٿيا آهن. هوءَ پهرئين ليکڪا آهي جنهن 1956ع ۾ عورت لکت طور ڪتاب ”سنهري“ تي ساهتيه اڪيڊمي اوارڊ حاصل ڪيو. -ان- کانسواءِ ”پدما شري“ اوارڊ (1959ع) ۽ هندستان جو اعليٰ سول اعزاز ”پدما پوشن“ (1959ع) ۾ حاصل ڪيائين. هن ڊاڪٽر آف لٽريچر(D.Lit) جون 1973ع ۾ دهلي يونيورسٽيءَ ۽ جبلپور يونيورسٽي مان ۽ 1987ع ۾ وشو ڀارتي يونيورسٽي مان اعزازي ڊگريون حاصل ڪيون. هن 1979ع ۾ بلغاريه ۾ -بين- الاقوامي اوارڊ سان نوازيو ويو. -امرتا پريتم- 31 -آڪٽوبر- 2005ع تي نئين دهليءَ ۾ وفات ڪئي.[1]