فقير -امداد علي سرائي-، لطيفيات جو وڏو ڄاڻو هو. هن فقير عالم خان ڪاٺيي جي گهر ۾ ڪاٺياواڙ محلي، نصيرآباد، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 4 سيپٽمبر 1936ع تي -جنم- ورتو. ابتدائي -تعليم- نصيرآباد مان ۽ مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي (سنڌي) ۽ ايل. ايل. بي ڪيائين. -ٺٽي- ۾ روينيو کاتي ۾ ڪلرڪ طور ملازمت ڪيائين. بعد ۾ اسسٽنٽ مختيارڪار، انچارج مختيارڪار ۽ آفيس سپرنٽينڊنٽ ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن رهيو. هن -ٺٽي- ۾ نوڪري -ان- ڪري ورتي، جو کيس ننڍي هوندي کان شاهه جي رسالي سان لڳاءُ هو ۽ سندس چواڻي رسالي جي 70% -ٻولي- لاڙي آهي. شاهه جي رسالي جي ابتدائي سکيا ۽ -تعليم- مرحوم فقير طيب -جت- کان ورتائين، جيڪو لطيف سائينءَ جي 130 حاضري فقيرن مان نهيٽي فقير -جت- جو -تڙ- پوٽو هو. -ان- کان سواءِ فقير عبدالله ميمڻ، فقير حاجي صديق فقيراڻي -جت- (ڪيٽي -بندر-)، فقير حاجي خميسي چانڊيي ۽ فقير رمضان -جت- جو صحبتي رهيو. فقير رمضان -جت- جو والد فقير احمد -جت-، ڊاڪٽر دائودپوٽي سان رسالي جي ترتيب ۾ ڪافي وقت مددگار رهيو هو. سرائي اميد عليءَ، شاهه جي ڪلام جي -تحقيق- ۽ اڻ ڇپيل ڪلام هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ٻه ڀيرا رڻ ڪڇ، ٻاڙمير، آدي پور، گانڌيدام، -احمد آباد-، ڪلياڻ ڪئمپ (الهاس نگر) ۽ ممبئيءَ جو سفر ڪيو، -جتي- هن جون ملاقاتون حاجي بصريي -جت-، آگي -جت-، آدم -جت-، سيد محمد شاهه نابين ۽ مائي مٺان سان ٿيون. هن شاهه جي قدمن جي سلسلي ۾ نارائڻ سر، ڪوٽيسر مندر، ڏيڻو در -جبل- (تعلقي نکراٽي)، لوڻيا ڳوٺ ۽ هبي توڙي ٻين قديم تاريخي ڳوٺن جو چڪر هنيو. فقير امداد علي سرائيءَ جا هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن: (1) ’املهه اڻ توريا‘، (شاهه جا اڻ ڇپيل -بيت-)، (2) ’قدم ڪاپڙين جا‘، (3) ’ڪشتي منجهه ڪڻا‘. کيس ’ڪشتي منجهه ڪڻا‘ ڪتاب تي 10 هزار روڪ ۽ 5 تولا سون جو اوارڊ مٽياري ساداتن کان مليو. هن 16 سيپٽمبر 2002ع تي وفات ڪئي.[1]