امان گورنري(انگريزي: Amman Governorate ) جنھن جو سرڪاري نالو محافظة العاصمة (گادي واري گورنري) آهي، اردن جو ھڪ صوبو يا گورنري آھي جنھن جو گاديءَ جو هنڌ امان شھر آھي. امان شھر جي ضلعي الابدالي ۾ ملڪ جي پارليامينٽ ۽ ملڪي سيڪريٽريٽ واقع آهي. اردن ملڪ جون 12 گورنريون آھن جن مان امان گورنري آبادي جي لحاظ کان اردن جي سڀ کان وڏي گورنري آھي. 12 گورنريون 52 لواء يا ناحيه (ضلعو) ۾ ورھايل آھن. امان گورنري ۾ 9 ضلعا واقع آھن. گريٽر امان ميٽروپوليٽن 27 ضلعن تي مشتمل آهي جن ۾ امان گورنري جا 6 ضلعا پڻ شامل آهن

امان گورنري
محافظة العاصمة
گورنري
ملڪ اردن
گادي جو هنڌ امان
ڊويزنون
حڪومت
 • گورنر سمير مبائضن
پکيڙ
 • ڪل 7,579 ڪ.م2 (2,926 ميل2)
آبادي (2015)
 • ڪل 4,007,000
ام الرصاص ۾ سينٽ اسٽيفن چرچ ۾ بازنطيني ايمپائر جي دؤر جي ھڪ موزائڪ
اردن جي قديم آثارن جي عجائب گهر ۾ عين غزال وينس وارو 7250 ق م وارو مجسمو جيڪو ھن وقت انساني تھذيب جو قديم ترين بت آھي
امان گورنري جا ضلعا 2004 جي آبادي سميت [2]
ناحيه عربي نالو سب ڊويزن آبادي (2004) انتظامي مرڪز
1 گادي وارو ضلعو (القصبه) لواء قصبة امان ڇھن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 552,511 الابدالي
2 مارڪا ضلعو لواء مارڪا چئن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 483,819 مارڪا
3 القويسمه ضلعو لواء القويسمة ٽن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 257,260 الجويزہ
4 الجامعة ضلعو لواء الجامعة ڇھن ميٽروپوليٽن ضلعن سميت 279,359 الجبيھة
5 وادي السير ضلعو لواء وادي السير امان ميٽروپوليٽن جي ٽن ضلعن ۽ 12 شھرن۽ ڳوٺن سميت 173,792 وادي السير
6 ناعور ضلعو لواء ناعور 25 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 66,220 ناعور
7 سحب ضلعو لواء سحاب 7 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 57,037 سحب
8 الجيزہ ضلعو لواء الجيزة 62 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 42,051 الجيزہ
9 موقر ضلعو لواء الموقر 26 شھرن ۽ ڳوٺن سميت 30,017 المشڪر

حوالا سنواريو

  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  2. 2004 Census آرڪائيو ڪيا ويا July 22, 2011, حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.