امام راشدي جو اصل نالو امام المتقين راشدي' آهي ۽ بدرالدجيٰ راشديءَ جو فرزند آهي ۽ سنڌ جو ناميارو محقق ۽ اديب آهي. هي 3 ڊسمبر 1960ع تي پير جي ڳوٺ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. امام راشدي ايم. اي سنڌي ادب ۾(1978ع ۾) ڪئي آهي. هو هن وقت تعليم کاتي سان وابسته آهي ۽ استاد آهي. امام راشديءَ جا ڪيترائي تحقيق، تاريخي ۽ ادبي مقالا ۽ مضمون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، هن کي ٻاراڻي ادب سان پڻ گهڻي دلچسپي رهي آهي. هن جا ڪيترائي مضمون ۽ ڪهاڻيون ٻاراڻي ادب تي لکيل آهن، هو هن وقت پير جو ڳوٺ ۾ رهندڙ آهي.[1]

حوالا سنواريو



پڻ ڏسندا سنواريو