عالم ۽ اديب -امام بخش شمس- ولد ڪريم بخش ميمڻ پهرين -جنوري- 1940ع تي شڪارپور ۾ ڄائو. ايم. اي پوليٽيڪل سائنس، ايم. اي سوشالاجي، بي. ايڊ ۽ ايل. ايل. بي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان پروفيسر هو. هن 26 فيبروري 1969ع تي ’انجن تحفظ -اسلام- شڪارپور‘ (رجسٽرڊ) نالي هڪ ادارو قائم ڪيو، جنهن طرفان ڪيترائي اصلاحي ڪتاب شايع ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن مان: (1) نورِ هدايت (2) هدايتِ محمّدي (3) مشعلِ مصطفيٰ (4)راهِ عمل(5)گلدستهء -احاديث نبوي- صلي -الله- عليه وسلم (6) راهِه نجات (7) راهِ سعادت ۽ (8)روشن راهه وغيره شايع ٿيا.[1]

حوالا سنواريو