امام بخش خان مير

امام بخش خان مير-، خيرپور جي -ٽالپر- گهراڻي جو پنجون حڪمران هو ۽ حڪمران مير فيض محمد (پهريون) جو ٽيون نمبر پٽ هو. هو 1860ع ۾ ڄائو. مير -امام- بخش جا -ٻه ڀائر- مير غلام علي ۽ مير احمد علي وفات ڪري ويا هئا، -ان- ڪري پيءُ جي لاڏاڻي کان پوءِ کيس 1909ع ۾ پڳ ٻڌرائي وئي ۽ بعد ۾ سندس تاجپوشي ڪرائي حڪومت سندس حوالي ڪئي وئي. سندس حڪومتي معاملن ۾ ڪو خاص ڌيان نه هو، انڪري سمورو وهنوار سندس وزيرن هلايو. پهريائين سندس وزير -تسنيم- صادق علي هو، جيڪو روشن خيال ماڻهو هو، جنهن خيرپور ۾ -تعليم- جو لاڙو وڌايو. سندس وزارت مير -امام- بخش جي دؤر ۾ ٽي سال هلي. هو 1912ع ۾ وفات ڪري ويو ته -امام- بخش خان، اها وزارت محمد ابراهيم جي حوالي ڪئي. مير -امام- بخش جي دؤر حڪومت ۾ سندس صلاح سان خيرپور ۾ لائبرري، جيمخانو، نوان رستا، عمارتون، هنري اسڪول، فئڪٽريون ۽ ٻيا ڪيترائي يادگار ڪم ٿيا. پهرين مهاڀاري لڙائي لڳي ته انگريزن وزير محمد ابراهيم معرفت ميرن کان تمام گهڻي امداد حاصل ڪئي، جنهنڪري انگريزن مير -امام- بخش کي ”لفٽيننٽ ڪرنل“ جو اعزاز ڏنو.

مير -امام- بخش شڪار جو شوقين هو ۽ علمي ادارن جي به وڏي مدد ڪندو هو. سندس دؤر ۾ عوام ايڏو خوش نه هو، هن ڇيڙ واري رقم ٻن آنن مان وڌائي ٻيڻي ڪري چار -آنا- ڪئي ۽ ائين اڳي مزدورن کي مزدوريءَ جا ٻه -آنا- ملندا هئا ته هن وڌائي چار -آنا- ڪيا، انڪري مزدور خوش ٿيا. ساڻس وزير محمد ابراهيم ۽ ٻنهي پٽن مير علي نواز ۽ مير غلام عليءَ جي آخري ڏينهن ۾ اڻبڻت رهي. مير طبيعت ۾ تيز هو، -ان- ڪري انگريزن محمد ابراهيم کي واپس ڪيو ۽ -ان- جي جاءِ تي نسيم قادرخان وزير ٿيو. آخري ڏينهن ۾ پٽن سان ناراضگيءَ ۾ رهيو ۽ 8 فيبروري 1921ع تي وفات ڪيائين. سندس لاش ڪربلا معليٰ ۾ دفنايو ويو. کيس ٽي پٽ علي نواز خان، علي محمد خان ۽ غلام علي خان هئا.[1]