امام انقلاب (ڪتاب)

سورهيه بادشاھ (Sooreeyh Baadshaah) پيرصبغت الله شاھ راشديءَ (پيرپاڳاري) جي زندگيءَ جي احوال تي مشتمل هيءُ ڪتاب جامع راشديه پيرڳوٺ مان جمعيت علماءِ سڪندريه پاران ڊسمبر 1995ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ڪتاب ڊيمي سائيز جي 115 صفحن تي مشتمل آهي ۽ سَوَلي سنڌيءَ ۽ سادي انداز بيان ۾ لکيل آهي.[1]

امام انقلاب
مصنف جمعيت علماءِ سڪندريه
ملڪ پاڪستان
ٻولي سنڌي
شايع ڪندڙ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پهريون ڇاپو
ڇاپي جي تاريخ
1995
ابلاغي ذريعي جو قسم ڪتاب
صفحا 115

پير پاڳاري جي اڳڪٿي

سنواريو

پير سائين سورهيه بادشاھ ٽهڪ ڏئي چيو: ”۽ اوهين هوندئو ڪٿي؟ جي ايم سيد صاحب ڀليل آهيو. وڙهڻ لاءِ اوهين هوندئو ۽ سوڀ وقت واڳون انهن جي هٿن ۾ هونديون جيڪي انگريزن جا ازلي غلام هوندا. اوهان کي کير جي مک وانگر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو ۽ شڪ ناهي ته جيل به رکيا وڃو. جيڪڏهن اسان جي اڳڪتي سچي نڪتي ته ٻڌائجو ته سياست مان گهڻو ڪير ٿو ڄاڻي،اوهين يا اسين؟ انشاء اللہ اسين ته وطن يا ڪفن حاصل ڪنداسون. پر اوهين پيا ڏکن ڏوراپن وارا ڪتاب لکندا.“ [2]

  1. امام انقلاب : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب؛ شهيد سورهيه بادشاھ، صحفو نمبر 11