ناميارو فنڪار الهڏنو علي محمد خاصخيلي، 25 -جنوري- 1966ع تي، ميرپور بٺوري، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. تعليمي قابليت ايم. اي ۽ بي. ايڊ اٿس. هن دنيا ۾ پاڻ کي هڪ فنڪار طور متعارف ڪرايو. سندس ڳايل ڪلامن جا ڪيترائي البم مارڪيٽ ۾ اچي چڪا آهن. فني خدمتن عيوض کيس حسنِ ڪارڪردگي اوارڊ ۽ ڪيترا سرٽيفڪيٽ ملي چُڪا آهن. هن وقت گورنمينٽ پي. سي اسڪول ميرپوربٺوري ۾ -استاد- آهي، سندس رهائش پڻ اتي ئي آهي. سندس والد -استاد- علي محمد خاصخيلي، -استاد محمد جمن- جو شاگرد هو ۽ الهڏني پنهنجي والد علي محمد خاصخيليءَ کان راڳ جي سکيا ورتي. هن ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ تي به ڳايو آهي، پر عوامي ميڙاڪن جو مقبول فنڪار آهي. شيخ -اياز-، -امداد حسيني-، ذوالفقار راشدي، غلام حسين ۽ ٻين جديد شاعرن جي شاعريءَ کي نئين رنگ ۾ ڳائي وڏي مقبوليت حاصل ڪئي اٿس.[1]

حوالا سنواريو