الھورايو نظاماڻي

149 ورهين جو سگھڙ قاضي -الهورايو نظاماڻي- 27 سيپٽمبر 1857ع تي ڄائو، هن جي پيدائش جي -تاريخ- ڪنهن ڊائري يا رجسٽر بدران سندس گھر آڏو بيٺل کجيءَ جي ڦرهي تي فارسيءَ ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس پيدائش وقت سنڌي رسم الخط جو اڃا رواج نه هو. -بدين- ضلعي جي هڪ ڳوٺ مير محمد نظاماڻي عرف قاضيءَ جو ڳوٺ ۾ رهندڙ، ڏيڍ صديءَ جيتري ڄمار حاصل ڪندڙ سنڌ جي هن مشهور سگھڙ کي، سنڌي، عربي، فارسي، هندي، سرائڪي ۽ -براهوي- ٻولين تي مهارت حاصل هئي. انهن مڙني ٻولين ۾ ڳجھارتون، پروليون، گرچيلو، ڏٺ، -بيت-، سينگار، ڏور، ۽ دوها پڻ لکيا اٿائين. جڏهن ته عشق، عقل ۽ بخت بابت مشهور/ڪلاسيڪل قصن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏاڍي سٺي نموني پيش ڪيو آهي، هونئن ته سندس شاعريءَ جا ڪيترائي رسالا موجود آهن، پر انهن مان سندس هڪ ڪتاب ’سالڪ جي سمجهه‘ سڄي سنڌ ۾ مشهور آهي. هن کي گهر ۾ سندس پيءُ صرف فارسي پڙهائي، باقي ٻيون ٻوليون مختلف مدرسن مان سکيو. جڏهن ته مختلف مدرسن ۾ عربي ۽ فارسيءَ جو -استاد- پڻ رهي چڪو آهي. حمل فقير، سانوڻ فقير، سمن سرڪار ۽ سيد ميران محمد شاهه -اول- هن جا گھاٽا دوست هوندا هئا. جنهن مان سانوڻ فقير سان هن جي تمام گھڻي ويجھڙائپ هئي. هوٽلن ۾ ڪانڀ -ٻڌي- چانهه جون چسڪيون ڀريندڙ انهن جهونن کي اڄ به چاچي الهورائي جو مشهور پروگرام ”فتح خان سان شام“نه وسريو هوندو. فتح خان سان شام پروگرام لاءِ پي ٽي وي وارا هر مهيني هن سگهڙ کي گهرائيندا هئا. هن ريڊيو تي به پروگرام ڪيا. آخري گھڙين تائين کيس ڀٽائيءَ جي رسالي جو وڏو حصو برزبان ياد هو. 1952ع ۾ هڪ ڀيري ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- هڪ سگهڙ هٿان شاهه سائينءَ جا 11 ڏکيا -بيت- کيس ڏياري موڪليا ته انهن جي معنيٰ ٻڌائي . هي فقير منش بزرگ ٽنڊي قيصر ۾ وڃي ڊاڪٽر صاحب سان مليو ۽ کيس بيتن جي معنيٰ ٻڌايائين، هي 18 سالن جو هو ته مغل -بادشاهه-، -بهادر شاهه ظفر- جي انگريزن جي قيد ۾ لاڏاڻي جي خبر -ٻڌي- هئائين. -ان- دؤر ۾ -اخبار- يا ريڊيو ته هوندا نه هئا، -ان- ڪري خبر چار جو وسيلو ماڻهو ئي هئا. -جن- کي لڪڙ -تار- چيو ويندو هو، 1890ع ۾ چارلس نيپئر پاران ٽنڊي محمد خان کان -بدين- تائين ريل جي پٽڙي وڇرائڻ واري ڪم ۾ هن شخص مزدوري ڪئي هئي جنهن جو اجورو کيس -ٽن- سڪن ۽ هڪ ڪسيري جي صورت ۾ مليو هو. سڪي کي -ان- دؤر ۾ دمڙي چيو ويندو هو، ٻن دمڙين عيوض هڪ ٻڪري خريد ڪبي هئي. هن شخص جي خوراڪ عام طور ٻاجھر جي ماني ۽ لسيءَ جو گلاس هو. ڀاڄين جو شوقين هو. چانهه سڄي زندگي نه چکيائين جڏهن ته مڇي شوق سان کائيندو هو، يوناني حڪيمن جي دوائن تي ويساهه رکندڙ هن شخص کي ڪابه وڏي بيماري نه ٿي.[1]