مائي الھہ وسائي
الھہ وسائي
جنم جي تاريخ: 1928ع
جنم جو ھنڌ: مير پور بٺورو، ٺٽو
وفات جي تاريخ: 29 اپريل 2003ع
وفات جو ھنڌ: مير پور بٺورو
مدفن: مير پور بٺورو

مائي الهه وسائي گائيڪيءَ جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جي لوڪ فنڪاره هئي. هوءَ 1928ع ڌاري سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي. مائي الهه وسائي گائيڪيءَ جي ڪلاسيڪي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندي هئي. هن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي ڳائڻ شروع ڪيو هو. هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تن ڏينهن ۾ ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا.[1]

هن ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ به ڳايو سندس ڪجهه آڊيو ڪيسٽيون جاري ٿيون. سجاول جي مير بحر گهراڻي سان تعلق رکندڙ مائي الهه وسائي مشهور ڍولڪ نواز خميسي خان چانڊيي سان شادي ڪئي. کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڄڻ ته عشق هو. ان ڪري هوءَ سندس عرس تي هر حال ۾ پهچندي هئي ۽ ڳائيندي هئي. 2002ع ۾ کيس ڀٽائيءَ جي ميلي تي لطيف اوارڊ ڏنو ويو ۽ حڪومت پاران کيس هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. پر هڪ سال تائين آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ بعد به کيس رقم نه ملي ۽ هوءَ پنهنجو علاج نه ڪرائي سگهي. آخري وقت ۾ کيس ڳلي جو ڪينسر ٿيو، تنهن هوندي به ڀٽائيءَ جي عرس تي پهتي ۽ ڪلام ڳايائين. ڪجهه هفتن بعد 29 اپريل 2003ع تي لاڏاڻو ڪري وئي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. جلد پھريون. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع