ناميارو -استاد-، شاعر ۽ نثرنگار الهورايو -بهڻ-، پهرين فيبروري 1942ع تي ضلعي سانگهڙ جي تعلقي سنجهوري جي هڪ ڳوٺ ”گڙنگ“ ۾ ڄائو. ٻاروتڻ جو عرصو 1942ع جي مارشل لا دوران انگريزن طرفان قائم ڪيل ڪئمپ (لوڙهي) ۾، ماءُ پيءُ سان گڏ گذاريائين. 1960ع ۾ فائنل جو امتحان پاس ڪري، پرائمري اُستاد مقرر ٿيو. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1980ع ۾ بيورو آف ڪريڪيولم سنڌ پاران -آسٽريليا- ۽ ملائيشيا جي مطالعاتي دؤري تي ويو. 1960ع ۾ ”اداسيءَ“ جي تخلص سان شاعريءَ جو آغاز ڪيائين. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”ايڏو درد عميق“ 1992ع ۾ ڇپيو. -ان- کان علاوه سندس ملائيشيا جو سفرنامو ”رنگا رنگ ملائيشيا“ به ڇپيل آهي. جڏهن ته ’سانگهڙ جي سُرهاڻ‘ سووينئر جو -ايڊيٽر- رهيو آهي ۽ لاتعداد مضمون ۽ ڪالم لکيل اٿس. تازو ”جي گهارياسين -بند- ۾“ عنوان سان -استاد- الهورايي -بهڻ-، حاجي ولي محمد ۽ ٻين جي يادگيرين تي ٻڌل ڪتاب شايع ٿيو آهي. گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج سانگهڙ ۾ -استاد- رهيو ۽ هاڻي رٽائرڊ آهي. هو سنڌي ادبي سنگت جهول جي بانين مان آهي. سماجي ۽ ادبي حوالي سان سندس وڏيون خدمتون آهن.[1]