الھه اوڀايو جوڻيجو
سنڌي شاعر
فقير الهه اوڀايو ولد فقير غلام قمبر جوڻيجو ڳوٺ ’منهه‘ تعلقي ميرو خان جو ويٺل هو. پاڻ عوامي شاعر ڇتي فقير سانگيءَ جو صحبتي ۽ طالب هو ۽ کانئس فيض حاصل ڪيو هئائين. ڊاڪٽر نبي بخش -بلوچ- لکي ٿو ته:’الهه اوڀايو ولد قمبر فقير ڌامراهه ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ مدفون آهي. هو فقير خداداد ولد غلام حيدر جو سؤٽ هو. الهه اوڀايي جو ڪلام عارفاڻي رنگ جو آهي. سندس ڪافين ۾ عاشقاڻن امنگن جو اظهار عام -جام- نظر اچي ٿو. هو ڪافي گو شاعر هو. سندس ڪلام ٽڙِيل پکڙيل آهي. هن 1920ع ڌاري وفات ڪئي.‘[1] سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو: دل منهنجي کي دلبر، لاتو جادو ڙي، زيور -پائي- ڳهڻا، ڪيو سينگار سهڻا ڪات اکين جي ڪهڻا،خنجر هنيا کوڙي