الھلال ڊراماٽڪ سوسائٽي

الهلال ڊرامٽڪ سوسائٽيءَ جو بنياد سنڌ جي مشهور شاعر، اديب ۽ محقق -آغا- غلام نبي صوفي 1924ع ۾ شڪارپور ۾ وڌو، هن ڊرامٽڪ سوسائٽي ڪيترائي سنڌي ۽ -اردو- ڊراما اسٽيج ڪيا، -جن- ۾ -آغا- غلام نبي صوفي جو ”دنيا دورنگي“ شان -اسلام-‘. -آغا- حشر جو ”مدهوش“ ۽ ماسٽر رحمت علي جو ”-تصوير- رحمت“ نهايت محنت سان ڪري ڏيکاريا ويا، جيڪي ڏسندڙن ۾ تمام گهڻا مقبول ويا. انـهـن ڊرامـن ۾ جـيـڪـي اداڪار حصو وٺندا هئا، -تن- ۾ پيرل خان -پٺاڻ- (ولين جو ڪردار ادا ڪندڙ) غلام حسين جهلڻ، عبدالغفار سومري کان علاوه پير محمد عرف پيرن جوڙيو ’مشتاق‘ جا نالا قابل ذڪر آهن، هيءَ ڊرامٽڪ سوسائٽي 29-1928ع ڌاري -بند- ٿي وئي پر -ان- -ٿوري- عرصي ۾ به هن سوسائٽي ڪيترائي سنڌي -اردو- ڊراما اسٽيج ڪيا، -ان- کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ناٽڪ منڊليون هيون، شڪارپور ۾ -جن- هتي بهترين ڊراما ۽ ناٽڪ اسٽيج ڪيا.[1]