هيءُ ڪتاب دين محمد وفائيءَ جو لکيل آهي. هيءُ ڊبل ڪرائون سائيز ڪتاب 144 صفحن تي مشتمل آهي ۽ قيمت سوا رپيو اٿس. حڪيم محمد عبدالحق هيءُ ڪتاب شيام ليٿو پرنٽنگ پريس، ڪراچيءَ مان سال 1935ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب کي پوءِ مڪمل حصن جي صورت ۾ سکر جي تاجر ڪتب، حڪيم عبدالخالق ڇپايو، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: -ان- جو پهريون جلد ڪچي جلد سان 152 صفحن جو آهي. هيءُ ڪتاب، رايل سائيز ۾، قيمت 2 رپيا، حڪيم عبدالخالق تاجر ڪتب، سکر ڇپايو. پهريون ڇاپو، 1952ع ۾ شايع ٿيو. ٻئي جلد ۾ صفحا 144 آهن ۽ قيمت هڪ رپيو 8 -آنا- ڄاڻايل آهي. هيءُ جلد سال 1956ع ۾ شايع ٿيو. ٽئين جلد ۾ 272 صفحا آهن. ڇاپو پهريون، سال 1956ع ۾ ڇپيو. چوٿين جلد جي قيمت 3 رپيا آهي. ڪچي جلد ۽ ڊيمي سائيز واري هن جلد جو ڇاپو پهريون، مقبول عام پريس، لاهور مان 1963ع ۾ ڇپيو. پنجين جلد ۾ 152 صفحا آهن، رايل سائيز، ڪچو جلد، قيمت 3 رپيا. -ان- جو ٽيون ڇاپو، مقبول عام پريس، لاهور مان 1963ع ۾ شايع ٿيو. جلد پنجين جو چوٿون ڇاپو، آفتاب عالم پريس، لاهور مان سال 1964ع ۾ ڇپيو. ڇهين جلد ۾ 180 صفحن تي مشتمل آهي. هن جلد جي ڇپجڻ جو سال وغيره ڄاڻايل ناهي. ستين جلد ۾ 140 صفحا آهن. ڇپجڻ جو سال ۽ پريس ڄاڻايل ناهي.[1]

حوالا سنواريو