ڀوڏيسر مندر- وٽ هڪ کوهه آهي، جنهن کي ”-الک واهه-“ چون ٿا. جنهن جي معنيٰ آهي؛ ”غيبي يا لڪل کوهه“ . روايت آهي ته -ان- چشمي جي پاڻيءَ ۾ ايتري شفا هئي جو ڪوڙهه جا مريض اتي وهنجي صحتيابي حاصل ڪندا هئا. -پارڪر- جو هڪ راڻو چندن سنگهه ڪوڙهه ۾ مبتلا هو ته هن کي به -ان- چشمي جي پاڻيءَ سان وهنجاريو ويو هو. هن وقت به اهو ماڳ ننگرپارڪر جي تفريحي ماڳن ۾ شمار ٿئي ٿو.[1] چندن ڳڙهه جو راڻو ڪوڙهه ۾ مبتلا ٿيو هو ته کيس -ان- چشمي جي -پاڻي- سان وهنجاريو ويو هو، جنهنڪري هو ٿورن ڏينهن ۾ نوبنو ٿي پيو هو. راڻو چندن جيسلمير جي ڀَٽياڻي شهزاديءَ سان پرڻيو هو. هڪ ڀيري چندن ٻاهر ويل هو ته ڀَٽياڻيءَ ڪنهن ڪوڙي جوتشيءَ کان پڇيو ته چندن جي خبر چار ڏي. جوتشيءَ ڌڪو هڻي چيو ته ”راڻو مري ويو آهي“. مڙس جي موت جو -ٻڌي- ڀَٽياڻيءَ ڀوڏيسر ۽ ننگرپارڪر جي وچ تي هڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي چتا تيار ڪرائي -ان- ۾ کڻي -ٽپو- ڏنو ۽ سڙي رک ٿي وئي. -ان- کان پوءِ -ان- نديءَ جو نالو ”ڀَٽياڻي ندي“ پئجي ويو. راڻيءَ جي موت کان پوءِ راڻو چندن ويڳاڻو ٿي پيو ۽ راڄ ڇڏي ڏنائين[2].