الي (زيور)
هڪ قسم جو ڳهه، جيڪو ڪنواريون ڇوڪريون سينگار خاطر پيشانيءَ تي پائينديون آهن. چانديءَ يا سون جو جڙاءَ دار ٽِڪو، جيڪو نراڙ جي مٿان وارن ۾ اهڙيءَ طرح اٽڪائجي، جيئن ٽِڪو نراڙ تي بيهي. اَلي، سون ۽ چانديءَ مان جُڙي ٿي. سنڌ جي مڙني علائقن ۾ عورتون پائينديون آهن، پر خاص طرح ٿر، لاڙ ۽ جابلو علائقن جون عورتون پائينديون آهن. اَلِي گهڻو ڪري ڪنواريون ڇوڪريون پائينديون آهن. وارن جي وچ مان سِينڌ ڪڍي، مينڍيون ويڙهينديون آهن ۽ ٻالڪپڻ کان مينڍيون ويڙهڻ واريءَ عمر تائين اَلي پائينديون آهن. اَليءَ جي گهاڙيٽي لاءِ سونارا هيٺين ترتيب ڪم آڻيندا آهن: پهريائين سون يا چانديءَ جي پَتريءَ جي ڪَٽائي ڪري، سِيلَ ۽ چنڊ ٺاهي، -ان- مٿان پنجن ڪنڊن وارو تارو ٺاهيندا ۽ ريهه سان پتريءَ تي لڳائيندا آهن. پوءِ -ان- تي ”ڀَڃَڻِ“ واهي، نوشادر -ٻُرڪي-، پاڻيءَ ۾ اُجهائيندا آهن. ٻئي مرحلي ۾ سِيلَ جون گُريون ٺاهي، پاسي جي ڪناري تي مُنڊي ساڌي، ”ڀڃڻ“ واهي، چانديءَ جي کَٽيءَ ۾ وجهندا آهن. صاف ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ تي وينجهرُ ٽِڪُن جو جڙاءُ ڪندو آهي. وينجهر اَليءَ کي وڌيڪ سهڻي بنائڻ لاءِ -ان- تي سينڌر پڻ ٻُرڪيندو آهي. ٻار ڄمڻ جي ريتن رسمن ۾ ۽ نياڻيءَ ڄمڻ تي ٻئي سامان سان گڏ اَلي به نياڻيءَ لاءِ آڻين. ستين ڏينهن ڇٽيءَ تي ڇوڪريءَ کي اَلِي پارائڻ جو سوڻ ڪن. انهيءَ موقعي تي وڏڙيون ڪوڏاڻا چون: آءٌ ته منهنجي مائي، امان، تنهنجي ته عزت ساڻ وڏائي! راڻي، تون ته خانِڻِ آهين ڄائي، تنهنجي ته اَلِيءَ جهرمر لائي! جنهن ۾ جرڪن ٻُڙا لال. امڙ تون ته سُگهڙ ٿيندئينءَ زال![1]