اليگزينڊر پشڪن

روسي شاعر

اليگزينڊر سرجيوچ پشڪن(انگريزي: Alexander Sergeyevich Pushkin)رومانوي دور جو روسي شاعر، ڊراما نويس ۽ ناول نويس ھيو [1][2][3][4][5] ۽ جديد روسي ادب جو باني ھيو [6][7] ھن جو جنم ماسڪو جي امير خاندان ۾ ٿيو ھن جي پيءُ جو نالو سرجي لوووچ پشڪن ھيو. پندرهن سالن جي عمر ۾ پشڪن پنھنجو پھريون نظم لکيو. ھن گريجوئيشن مشھور تعليمي اداري زرسڪئي سيلو ليسم مان ڪئي ان موقعي تي ھن پنھنجو مشھور نظم اوڊي ٽو لبرٽي چيو ھو جيڪو ان وقت تڪراري بڻجي ويو جنھن تي روسي زار اليگزينڊر پھريون کيس جلاوطن ڪرڻ جو حڪم ڏنو

اليگزينڊر پشڪن

اوريسٽ ڪپرنسڪي جو ٺاھيل اليگزينڊر پشڪن جو پورٽريٽ
پيدائش اليگزينڊر سرجيوچ پشڪن
26 مئي 1799(1799-05-26)
ماسڪو، روسي ايمپائر
وفات 29 جنوري 1837 (عمر 37 سال)
سينٽ پيٽرزبرگ،روسي ايمپائر
ڌنڌو شاعر، ناول نگار، ڊراما نويس
ٻولي روسي ، فرينچ
قوميت روسي
مادرِ علمي زرسڪئي سيلو ليسم
دور روسي شاعري جو سونھري دؤر
صنف ناول، شاعري وارو ناول، نظم، ڊرامو، ننڍڙي ڪھاڻي، پرين جي ڪھاڻي
ادبي تحريڪ رومانويت
حقيقت پسندي
مُکيه ڪم يوجين انيگن, ڪيپٽنس ڊاٽر, بورس گوڊنوف, رسلان اينڊ لوڊميلا
جيون ساٿي نتاليا پشڪينا (ش. 1831)
اولاد ماريا، اليگزينڊر فريمڪي، گريگوري نتاليا
رشتيدار سرجي لوووچ پشڪن، نديزدا اوسپوونا گئنيبا

دستخط

اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ سن 1833ع ۾ اليگزينڊر پُشڪن ادبي مواد گڏ ڪرڻ جي سلسلي ۾ روس جي ڪنهن پرانهين علائقي ۾ وڃي نڪتو هو. اُتان ٿي پشڪن اورين برگ وريو، جتي سندس دوست ڪائونٽ پيرو وسڪي گورنر ه و. پشڪن وٽس مهمان ٿي رهيو. هڪڙي ڏينهن صبح جو پشڪن اڃا اگهور ننڊ ۾ هو ته هن پنهنجي گورنر دوست جا وڏا وڏا ٽهڪ ٻُڌا ۽ هو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. سبب پُڇڻ تي گورنر پشڪن کي اُن علائقي جي گورنر جو ڏانهس موڪليل خط ڏيکاريو، جتان ڪي ڏينهن اڳ پشڪن موٽيو هو. خط ۾ لکيل هو: ”تازو پُشڪن هت آيل هو. اوهان کي خبر آهي ته هو ڪير آهي؟ اسان هن جي ڏاڍي خبرداري سان سار سنڀال لڌي. پر اسان کي يقين آهي ته هو ادبي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ اُن سفر تي آيل ڪونهي، پر سرڪاري بدعنوانين جي انگن اکرن هٿ ڪرڻ جي لاءِ هو خفيه سفر تي نڪتل آهي. اوهين ڄاڻو ٿا ته اوهان جي لاءِ اسان وٽ وڏي عزت ۽ احترام آهي. تنهن ڪري اسان اهو پنهنجو فرض سمجهي اوهان کي خبردار رهڻ جي صلاح ڏيون ٿا.“ پُشڪن ۽ گوگول پاڻ ۾ دوست هوندا هئا. پوءِ پُشڪن جڏهن گوگول سان گڏيو ته ساڻس اُن دلچسپ واقعي جو ذڪر ڪيائين ۽ کيس صلاح ڏنائين ته اُن مزيدار واقعي کي ڪنهن ادبي روپ ۾ آڻجي. گوگول پُشڪن کي هڪ اهڙي ٺڳ جي ڳالهه ٻڌائي جيڪو ڪنهن ننڍي شهر ۾ وڃي پاڻ کي سرڪاري ڪامورو ظاهر ڪري اُتي جي ننڍن ڪامورن کان پئسا ڏوڪڙ ڇڏائي ڀڄي ويو. بهرحال اُنهن واقعن کي ذهن ۾ رکي گوگول ”دي انسپيڪٽر جنرل“ جي عناون سان ڊرامو لکڻ شروع ڪيو، جيڪو هن سن 1835ع ۾ لکي پورو ڪيو.[8]

حوالا سنواريو

  1. Basker, Michael. Pushkin and Romanticism. In Ferber, Michael, ed., A Companion to European Romanticism. Oxford: Blackwell, 2005.
  2. Short biography from University of Virginia آرڪائيو ڪيا ويا 2019-04-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Retrieved 24 November 2006.
  3. Allan Reid, "Russia's Greatest Poet/Scoundrel". Retrieved 2 September 2006.
  4. "Pushkin fever sweeps Russia". BBC News, 5 June 1999. Retrieved 1 September 2006.
  5. "Biographer wins rich book price". BBC News, 10 June 2003. Retrieved 1 September 2006.
  6. Biography of Pushkin at the Russian Literary Institute "Pushkin House". Retrieved 1 September 2006.
  7. Maxim Gorky, "Pushkin, An Appraisal". Retrieved 1 September 2006.
  8. {مراد علي مرزا جو مضمون"مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو پهريون سماجي حقيقت نگار"; مھراڻ رسالو 2003 شمارو 53,0سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}