اليگزينڊر برنس

کوجناڪار، برطانوي ھندستان ۾ سياسي افسر

اليگزينڊر برنس
سر [1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو honorific suffix (P1035) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 16 مَئي 1805 [2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مونٽروس   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 2 نومبر 1841 (36 سال)[2][3][4]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪابل   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت عظيم برطانيا ۽ آئرلينڊ جي گڏيل بادشاھت   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
رڪن رائل سوسائٽي   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو member of (P463) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو تلاش ڪندڙ ،سفير   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي انگريزي ٻولي [5]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي سفارتڪاري [6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي
اعزازات
فاؤنڊز ميڊل (1835)[7]
رائل سوسائٽي فيلو   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو award received (P166) وڪي ڊيٽا تي

ايسٽ انڊيا ڪمپني جو مُهم جُو آفيسر ۽ سياح اليگزينڊر برنس 16 مئي 1805ع تي اسڪاٽلينڊ جي شهر مونٽروس ۾ پيدا ٿيو. هن جو پيءُ رابرٽ برنس فورفارشر جو مئجسٽريٽ هو. سندس خاندان جي نالي جي صورتخطيءَ ۾ اڳ Burnes لکبو هو، پر سندس پيءُ رابرٽ برنس -ان- مان E ڪڍي ڇڏي، جنهن کانپوءِ اهو رڳو برنس (Burns) لکيو ويندو هو. -اليگزينڊر برنس- پنهنجي ابتدائي -تعليم- مونٽروس اڪيڊميءَ مان حاصل ڪئي. 16 سالن جي عمر ۾ 31 -آڪٽوبر- 1821ع تي بمبئيءَ پهتو. هندستان جي شهر سورت ۾ کيس اضافي بٽالين ۾ هندستاني ٻوليءَ جو ترجمان (Interpreter) مقرر ڪيو ويو. فارسي ٻوليءَ تي عبور هجڻ ڪري هن صدر عدالت جي ججن جو اعتماد به حاصل ڪري ورتو، تنهنڪري کيس عدالت ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل دستاويزن جي ترجمي لاءِ مقرر ڪيو ويو. اليگزينڊر برنس جي صلاحيت کي مدنظر رکندي -انڊيا- ڪمپني'>-ايسٽ -انڊيا- ڪمپني- کيس 21 سالن جي عمر ۾ ڊپٽي اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي مقرر ڪيو. انهيءَ عرصي ۾ هن واگر (Wagur) جي انگن اکرن بابت تفصيلي رپورٽ تيار ڪئي. جنهن کي گورنر ۽ -بمبئي- ڪائونسل جي ميمبرن تمام گهڻو ساراهيو. هو مشرقي ٻولين جو ڄاڻو هو. هن 1831ع واري عرصي ۾ سنڌ جي -ٽالپر- حڪمرانن جي رڪاوٽن باوجود سنڌو درياهه جي سڀني مُنهنِ جو سروي ڪري ورتو ۽ -ان- جي پڇاڙ واري حصي جو نقشو به ٺاهي ورتو. هن زميني سفر جي بدران سنڌوءَ ذريعي سفر جي مڪمل اجازت به حاصل ڪري ورتي ۽ سنڌ جي حاڪم ٽالپرن کان اها به اجازت ورتائين ته سنڌو درياهه جو رستو برطانوي واپارين لاءِ کليل رهندو. اليگزينڊر برنس سنڌو درياهه جو سفر ڪندي 18 -جولاءِ- 1831ع تي لاهور پهتو، جيئن ته هن جو اصلي مطلب پورو ٿي چڪو هو ۽ هن پنهنجي سروي به مڪمل ڪري ورتي. -انگريز- حڪومت کي هندستان ۽ سنڌ جي صحيح معلومات ۽ نقشن بابت پوري ڄاڻ هن ئي ڏني. اڳتي هلي انگريزيءَ ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو عطا محمد ڀنڀري ”سنڌوءَ جو سفر“ عنوان سان ڪري ڇپايو آهي. 17 -جنوري- 1832ع تي جڏهن هو ٻيهر لاهور داخل ٿيو، تڏهن رنجيت سنگهه هن جو دل جي گهرائين سان استقبال ڪيو. هتي -اليگزينڊر برنس- وچ -ايشيا- جي خطرناڪ سفر جي تياريءَ ۾ مصروف هو، هن پنهنجو حُليو ۽ ويس بدلائي ٻهروپيو بنجي عادتون بدلائي ڇڏيون ۽ حُليو تبديل ڪرڻ کان پوءِ هڪ افغانيءَ جو روپ اختيار ڪيو، -ان- سفر ۾ هن سان گڏ -بنگالي- فوج جو سرجن جيمس گيرارڊ شريڪ هو، جنهن پڻ هن جهڙو حُليو اختيار ڪيو. اليگزينڊر برنس رنجيت سنگهه جي ڏنل فوجي دستي سان هن جي رياست جو -جائزو- ورتو ۽ اڳتي برنس ۽ سندس ساٿي افغانين سان مليا، جيڪي اڪوڙه تائين هنن سان گڏ هئا. -ان- بعد ڪاميابيءَ سان -پشاور-، -جلال آباد- ۽ ڪابل پهتا. اهو سفر -جاري- رکندي، لکنئو کان -بخارا- اچي پهتو. اتي خطرن کان خوشقسمتيءَ سان -بچي- ويو. برنس واپس خولرم ۽ گيرارڊ سان مليو، جتان اهي -بلخ- پهتا، 18 -جنوري- تي هڪ سال کانپوءِ بمبئيءَ پهتو. اليگزينڊر جڏهن هندستان جي گورنر کي سموري رپورٽ پيش ڪئي ته سندس ڪم کان گورنر جنرل تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ -انگلنڊ- ۾ به سندس ڪم کي گهڻي پذيرائي ملي. سندس سفرنامي کي -ترت- فرينچ ۽ جرمن ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو. کيس رائل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو ميمبر پڻ مقرر ڪيو ويو. “The Navigation of the Indus and a Journey by Balkh and Bokhara” واري ريسرچ جي ڪم تي کيس گولڊ ميڊل پڻ مليو. -ان- کانپوءِ هي انگلينڊ، ڏکڻ فرانس، مصر ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي علائقن ۾ به ڪجهه عرصو رهڻ کانپوءِ 5 -اپريل- 1835ع تي هندستان واپس آيو ۽ کيس سنڌ جي عدالت ۾ -ان- مقصد سان مقرر ڪيو ويو ته هو سنڌو درياهه جي نيويگيشن (Navigation) بابت ٺاهه ڪري. انهيءَ دوران کيس هڪ اهم ذميداري ڏني وئي ته، هو -افغانستان- جي -بادشاهه- دوست محمد سان ملي -ان- سان ڳالهائي ته هو هندستان جي اولهندي واري صوبن سان تجارتي معاهدا ڪرڻ بابت ڳالهيون ڪري. -اليگزينڊر برنس- 20 سيپٽمبر 1837ع تي ڪابل پهتو، -جتي- پهچڻ کانپوءِ -ان- محسوس ڪيو ته سندس مشن بيڪار آهي، ڇاڪاڻ جو هندستاني حڪومت کي -ايران- ۽ روس جي تحريڪن ۽ بغاوتن کان خطرو هو. جڏهن ته اهي -افغانستان- جي ويجهو هئا، ٻئي طرف دوست محمد کي روسي ايجنٽ تصور ڪيو ويندو هو. جنهن برنس کي -افغانستان- مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. برنس هندستان پهچندي ئي سرڪار کي دوست محمد جي -باري- ۾ ٻڌايو ته سرڪار کيس ٻيو حڪم ڏئي واپس -افغانستان- موڪليو آهي. برنس -افغانستان- وڃڻ لاءِ جيئن ئي شڪارپور پهتو ته کيس ”لنڊن گزيٽ “ جي هڪ ڪاپي ملي، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل هو ته برنس کي ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدي تي -ترقي- ڏني وئي آهي. اليگزينڊر برنس عهدي سميت جڏهن -افغانستان- پهتو، تڏهن دوست محمد جي پٽ حيدر خان پنهنجو پاڻ کي برطانيه حڪومت جي آڏو پيش ڪيو. جنهن کي بعد ۾ برنس جي نظرداريءَ هيٺ ڪوئيٽا جو گورنر مقرر ڪيو ويو. ٿورڙي ئي عرصي ۾ دوست محمد -افغانستان- مان فرار ٿي ويو ۽ سندس جاءِ تي 1939ع ۾ شاهه شجاع کي حاڪم مقرر ڪيو ويو. سر وليم ايم ناٽن (Sir Willium M. Naughten) ڪابل ۾ برطانوي سفير جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو، جڏهن ته برنس سندس نائب مقرر هو. پر انگريزن جي پسند وارو اهو انتظام گهڻو وقت هلي نه سگهيو. انگريزن خلاف افغانين جي -بغاوت- شروع ٿي چڪي هئي. ليڪن سر وليم ايم ناٽن ۽ -اليگزينڊر برنس- -ان- -بغاوت- مان ڪو خطرو محسوس نه ڪيو. افغانين جي -بغاوت- کي مدنظر رکندي ميجر پاٽنجر جي خبردار ڪرڻ کانپوءِ 14 هزار برطانوي فوجي -افغانستان- ۾ مقرر ڪيا ويا، پر 2 نومبر 1841ع تي هڪ وڏو طوفان برپا ٿيو. -ان- ڏينهن صبح جو 9 وڳي افغانين ڪابل ۾ برنس جي رهائشگاهه تي حملو ڪري، -اليگزينڊر برنس-، سندس -ڀاءُ- ليفٽيننٽ چارلس برنس، ليفٽيننٽ بروڊفٽ ۽ گهر ۾ موجود سڀني مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي ماري ڇڏيو ۽ سندس گهر کي -باهه- ڏئي ساڙي ڇڏيو. اها انگريزن جي خلاف هڪ خوفائتي سانحي جي شروعات هئي.[8]

حوالا سنواريو

  1. http://collection.britishmuseum.org/id/person-institution/141804
  2. 2.0 2.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Alexander-Burnes — subject named as: Sir Alexander Burnes — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  3. 3.0 3.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6q31b2s — subject named as: Alexander Burnes — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  4. 4.0 4.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/burnes-alexander — subject named as: Alexander Burnes — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  5. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=js20211109760 — اخذ شدہ بتاریخ: 1 مارچ 2022
  6. NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=js20211109760 — اخذ شدہ بتاریخ: 7 نومبر 2022
  7. full work available at URL: https://www.rgs.org/CMSPages/GetFile.aspx?nodeguid=64c1cdb4-2f4b-44a3-9e3c-695983da880f&lang=en-GB — مصنف: Royal Geographical Society — عنوان : Gold Medal Recipients — ناشر: Royal Geographical Society
  8. اليگزينڊر برنس : (Sindhianaسنڌيانا)