نامور صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿريءَ جو پورو نالو محمد الياس ولد حاجي اڪبر سومرو آهي. هن 21 مئي 1973ع تي نيو ڇور شهر تعلقي عمرڪوٽ ۾ جنم ورتو. تعليم ايم. اي سنڌي اٿس. 1988ع ڌاري ادبي دنيا ۾ شاعري ۽ ڪالم نويسيءَ ذريعي پير پاتائين. هيءُ هلال پاڪستان، خبرون ۽ ٻين اخبارن جو رپورٽر ۽ اسٽاف رپورٽر رهي چڪو آهي. بيباڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ رپورٽنگ دوران ڪيترا دفعا زخمي ٿيو. عمرڪوٽ جي عوام جي آواز کي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ لاءِ هفتيوار ’کوجنا‘ اخبار جاري ڪيائين. الياس ٿري صحافتي ڪيريئر ۾ ڪرنٽ افيئر توڙي سماجي معاملن تي سوين ڪالم لکي چڪو آهي. الياس ٿري حليم باغيءَ، جمن دربدر جي صحبت ۾ شاعريءَ طرف مائل ٿيو. پاڻ پريس ڪلب عمرڪوٽ جو صدر به رهي چڪو آهي.[1]

حوالا سنواريو