الله ڏنو آثار ۽ نل بازار آثار

ڪراچي کان 30 ڪلوميٽر پري ملير واري علائقي ميمڻ ڳوٺ ڊملوٽي روڊ تي نئين بازار جي کاٻي هٿ تي هڪ قديم وسندي جا آثار موجود آهن، جيڪو الله ڏنو جوکيو ڳوٺ جي ويجهو هئڻ ڪري هن جو نالو الله ڏنو آثار ۽ نل بازار آثار ڏنو ويو آهي. هتي 1974ع ۾ کوٽائي ڪئي وئي. قديم آثارن جي ماهر جي تحقيق موجب هي آثار موهن جي دڙي ۽ هڙپا (Harappa) تهذيب جا همعصر آهن. ان کانسواءِ ڊملوٽي جي اوسي پاسي سنڌو تهذيب (Indus Civilization) جا به آثار آهن، جيڪي هڙپا تهذيب سان تعلق رکن ٿا. ٿڌو ندي لڳ کٽو گبول ڳوٺ، ۽ آدم گبول ڳوٺ، لڳ مهير جبل تي ٻاٻرين جا آثار، موئيداڻ ۾ حب ندي جي ڪناري، گڏاپ (Gadap) ۾ ديهه لنگهيجي ۽ ٻولهاڙي جي وڏي علائقي ۾ اهڙا آثار موجود آهن. انهن علائقن ۾ زرتشتي دور جون قبرون به موجود آهن. ملير (Malir) ۾ اهي پراڻي ۽ نئين پٿر جي شروعاتي دور سان تعلق رکندڙ آثار آهن. هتي لوهه ۽ ٽامي جي دور جا به آثار موجود آهن. انهن جي قدامت جو اندازو اٺ کان نو هزار سال آهي. هتان ڪجهه اهڙا به آثار مليا آهن جن جو لاڳاپو آخري برفاني دور سان آهي. ڪراچي ۽ اوسي پاسي ۾ تاريخ جي هر دور ۾ آثار موجود آهن. انهن تي تحقيق جي ضرورت آهي. تحقيق کان اڳ انهن کي محفوظ ڪرڻ نهايت ضروري آهي. ائين نه ٿئي جو انهن جو حشر ۾ شهر اندر ايندڙ آثارن جهڙو ٿئي. هن علائقي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته قديم زماني کان وٺي اڄ تائين انساني استعمال هيٺ هلندو اچي. [1] [2]

  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي، باب: تاريخ جي وساريل ورقن کان ڪراچي تائين جو سفر