الله جلئي ٻائي

هندستاني ڳائڻي

الله جلئي ٻائي (انگريزي ٻولي: Allah Jilai Bai) (فيبروري 1، 1902 -کان 3 نومبر 1992) هندستان جي علائقي راجسٿان سان تعلق رکندڙ لوڪ ڳائڻي هُئي.[1] بيڪانير ۾ راڳين جي هڪ خاندان ۾ جنم ورتائين، 10 سال جي ڄمار ۾ هيءَ مهاراجا گنگا سنگھ جي درٻار ۾ ڳائيندي هئي. هن اُستاد حسين بخش خان ۽ پوءِ اچن مهاراج کان گانو ڳائڻ جي سکيا ورتي. پنهنجي حيثيت ۽ مقبوليت هوندي بہ هيءَ چڱي سنسڪاري ۽ هڪ نماڻي سُڀاءٌ واري فنڪار هئي.

2003 ۾ هندستان جي ٽپال ٽڪلي تي اللہ جلئي ٻائي جي فوٽو

هي منڊ، ٺمري، خيال ۽ دادرا ۾ ماهر هُئي. شايد سندس سڀ کان مشهور گيت جو ٽُڪڙو ڪيسريا بالام آهي. 1982 ۾، هندستاني حڪومت کيس آرٽس جي شعبي ۾ پدما شري ايوارڊ ڏنو،[2] جيڪو هڪ وڏو شهري ايوارڊ منجهان هڪ آهي. کيس 1988 ۾ لوڪ راڳ جي لاءِ سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو هيو.

ڪيسريا بالم آو ني پردارو مهرائي ديس گانو منڊہ جي مشهور راڳي اللہ جلئي ٻائي جي نڙيءَ منجهان نڪتو هيو. اللہ جلئي ٻائي پهرئين فيبروري 1902 تي جنم ورتو. بيڪانير جي راج دربار محل ۾ گنيزنخاني جي گُرو حسين بخش لنگڙي پنهنجي هُنر جو مظاهرو ڪيو. تيرنهن سال جي ڄمار ۾ ٻائيءَ پنهنجي نڙگهٽ منجهان نڪرندڙ سُريلي راڳ سان بيڪانير جي مهاراجا گنگا سنگھ کي متاثر ڪيو. مهاراجا کيس شهزادي جو رُتبو ڏنو. هن ٻاويهہ سال راج دربار ۾ پنهنجي راڳ ڳائڻ (گائيڪي) ڪندي رهي. ڪيسريا بالم، سا را بيرا، ڪالي ڪلي ڪجالي ري ريکا، جهالو ديا جيا وغيرہ سندس نڙيءَ منجهان نڪتل مشهور گانا آهن. ايتري ريت تہ هن پرڏيهي ڏيهَن جي ماڻهن کي پڻ منڊ راڳ (گائيڪي) سان ڏاڍو مُتاثر ڪيو. 1982 ۾، حڪومت هندستان کيس پدم شري ايوارڊ ڏنو. 3 نومبر 1992 تي اللہ جلئي ٻائي پرلوڪ پڌاري وئي. راجستان حڪومت 31 مارچ، 2012 تي پهريون ڀيرو راجسٿان رتنا اعزاز جو اعلان ڪيو.[3] هن جيھرفن موليٰ (ورسٽالٽي) ڪيسيريا بلما ۾ بهترين نمائندگي ماڻي، جيڪو هاڻي پڻ راڳ جي ماهرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي.

حوالا سنواريو

  1. "Allah Jilai Bai". www.mapsofindia.com. حاصل ڪيل 2020-03-08. 
  2. Padma Shri Awardees. india.gov.in
  3. "Allah Jilai Bai Biography In Hindi". 

ٻاهريان ڳنڍڻا سنواريو