الله بخش ابوجهو، (وفات 1901ع) سن 1889ع کان 1901ع تائين سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ جو پرشن ٽيچر رهيو. هن سنڌ جي مسلمانن کي خوب غفلت مان بيدار ڪرڻ لاءِ ”مسدس اٻوجهو“ لکيو. هيءَ مسدس، ”مسدس حالي“ جو منظوم ترجمو آهي، پر ان ۾ ڪي نوان بند به آهن، جن ۾ اٻوجهي مرحوم جا پنهنجا خيال به بيان ڪيل آهن.[1].هن پنهنجي پراثر نظمن ذريعي انگريزي تعليم جي اهميت واضح ڪئي، ۽ مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اُڀاريو.

حوالا سنواريو

  1. ؛ رسالو:آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع