الف ب (Alphabet) يا ’آئيويٽا‘ انھن اکرن کي چئبو آھي، جيڪي ھر زبان ۾ مختلف تعداد ۾ گھٽ يا وڌيڪ ھوندا آھن. اها لکت وارين نشانين جي اها ترتيب آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جي ڌار ڌار آوازن کي لکت رستي ڏيکاريو وڃي. انگريزيءَ ۾ 26، سنڌيءَ ۾ 52، عربيءَ ۾ 28 ۽ اردوءَ ۾ 37 شڪلين/نشانين تي مشتمل آهي. انھن شڪلين/نشانين کي اکر/حرف (letter) چئبو آھي. اھڙي طرح ھر ھڪ شڪل/نشانيءَ جي ھڪ اڪيلي آواز کي اکر يا حرف سڏبو آھي. سنڌي الف ب جي ترتيب هن ريت آهي[1]:

ا، ب، ٻ، ڀ، ت، ٿ، ٽ، ٺ، ث، پ
ج، ڄ، جھ، ڃ، چ، ڇ، ح، خ، د
ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ذ، ر، ڙ، ز، س، ش
ص، ض، ط، ظ، ع، غ، ف، ڦ، ق، ڪ، ک
گ، ڳ، گھ، ڱ، ل، م، ن، ڻ، و، ھ
ء، ي

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.