الطاف پيرزادو
مشهور صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيرزادي، 12 -آڪٽوبر- 1972ع تي ڳوٺ ٻلهڙيجي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ -جنم- ورتو. هن پرائمري -تعليم- ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسـڪـول ڏوڪـريءَ مـان (1991ع) پاس ڪئي. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان 2006ع ۾ صحافت شعبي ۾ ماسٽرس ڪيائين. هن -جنوري- 1993ع کان روزاني -اخبار- ’-جاڳو-‘ ڪراچيءَ ۾ پروف ريڊر طور ڪم ڪيو، بعد ۾ روزاني عوامي آواز ۽ روزاني سنڌ (حيدرآباد) ۾ سب -ايڊيٽر- رهيو، -ان- سان گڏ روزاني سنڌ حيدرآباد جو لاڙڪاڻي لاءِ بيورو چيف (1996ع)، روزاني تعمير سنڌ ڪراچي/سکر جو لاڙڪاڻي لاءِ بيورو چيف (1998ع)، روزاني تعمير سنڌ جو ڪراچيءَ لاءِ بيورو چيف (2000ع) به رهيو ۽ 2002ع ڌاري روزاني ’ڪاوش‘ حيدرآباد جو سب -ايڊيٽر- رهيو. 2002ع ڌاري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف -پاڪستان- ڪارپوريشن (اي. پي. پي) ۾ رپورٽر ۽ ٽرانسليٽر طور ملازمت اختيار ڪيائين. 2009ع ۾ ريڊيو -پاڪستان- ۾ خبرن واري شعبي لاءِ سب -ايڊيٽر- چونڊيو ويو. 2010ع واري -ٻوڏ- ۾ رپورٽنگ ڪرڻ تي مڃتا طور کيس ريڊيو -پاڪستان- طرفان چين جي شهر شنگهائيءَ ۾ صحافين لاءِ 13 کان 27 سيپٽمبر 2010ع تائين ڪورس ۾ شرڪت لاءِ موڪليو ويو ۽ کيس سال جي بهترين رپورٽر جي اوارڊ سان به نوازيو ويو. 1998ع ۾ عالمي نشرياتي اداري بي. بي. سي -ٽيليويزن- سان ڪاروڪاري رسم بابت دستاويزي فلم لاءِ گائيڊ طور ڪم ڪيائين ۽ ريڊيو -پاڪستان- لاءِ سنڌ ۾ ’ڀنگ لاءِ اغوائون‘ جي عنوان تي ڊاڪيومينٽريون به تيار ڪيائين. هن وقت ريڊيو -پاڪستان- لاڙڪاڻي جو سب -ايڊيٽر- آهي.[1]