سنڌ جي سدا ملوڪ شاعر، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو -ڀاءُ-، -الطاف عباسي- پنهنجي دور جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس سڄو نالو الطاف نبي ولد گل محمد عباسي هو ۽ 15 -جولاءِ- 1942ع تي سوڀي ديري ضلعي خيرپور ميرس ۾ -جنم- ورتو. 1958ع ۾ نواب شاهه مان مئٽرڪ ڪيائين. سٺي گهراڻي مان هجڻ جي باوجود، ميٽرڪ بعد هڪدم پنهنجي پيرن تي بيٺو ۽ خزاني آفيس نواب شاهه ۾ ڪلارڪ ٿيو. بعد ۾ 1961ع کان 1965ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اسڪول نواب شاهه ۾ ماستر ٿيو. -ان- وچ ۾ پڙهائي به -جاري- رکيائين. 1962ع ۾ بي. اي (فرسٽ ڪلاس) ۽ 1964ع ۾ ايم. اي (سنڌي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. 1964ع ۾ وڪالت جو امتحان پاس ڪري 1967ع تائين وڪالت ڪيائين، ۽ پوءِ سنڌيءَ ۾ ليڪچرر ٿيو. 1968ع ۾ پي. سي. -ايس- پاس ڪري -آبڪاري- کاتي ۾ گهڙيو ۽ ڊائريڪٽر ايڪسائيز ٿيو 6 فيبروري 1978ع تي نواب شاهه کان حيدرآباد ايندي مياڻي ٻيلي وٽ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيو. الطاف عباسي نوجوان ۽ نمائنده شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو، سندس شعر پهريون ڀيرو 1958ع ۾ نواب شاهه جي ”آئينه“ رسالي ۾ ڇپيو، ۽ پوءِ سڀني مکيه رسالن ”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگي“ وغيره ۾ ڇپبو رهيو. پاڻ سنڌي ادبي تحريڪ جو روح روان، دوستن جي محفلن جو سينگار، ۽ شعرن ۾ ڪيترن نون تجربن جو بنياد وجهڻ وارو هو. هن -ٿوري- عمر ۾ جيڪو ادبي ورثو ڇڏيو آهي، اهو سندس نالي کي ادبي زندگي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. هن جا ڪيترا ٻاراڻا نظم درسي ڪتابن ۾ شامل هئا. سندس ايم. اي جو مونوگراف ’سنڌي قومي شاعريءَ‘ بابت هو، جيڪو اڃا اڻڇپيل آهي.[1]