الطاف جوکيي جو واسطو ادب ۽ تحقيق سان آهي، پيشي جي لحاظ کان استاد آهي. هن جو سڄو نالو الطاف حسين جوکيو آهي.

پيدائش سنواريو

پاڻ سنڌ جي ناليواري تعليم دان ۽ اديب، محبوب علي جوکئي جو فرزند آهي. الطاف جوکيي جو جنم 22 نومبر 1964ع تي محرابپور تعلقي ڪنڊياري ۾ ٿيو.

تعليم سنواريو

هن ميٽرڪ محرابپور هاءِ اسڪول مان 1980ع، ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 1986ع ۾ ڪئي. بي. ايڊ (1992ع) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.

خدمتون سنواريو

هن وقت گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج محرابپور ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي، هن جي دلچسپيءَ جا موضوع سنڌي ٻولي، گرامر ۽ لسانيات آهن، جنهن سلسلي ۾ هن ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا آهن، جيڪي ٽماهي ”ڪلاچي“ ڪراچي ۽ ٽماهي ”سنڌي ٻولي“ حيدرآباد ۾ ڇپيا آهن. ان کان سواءِ لطيفيات جي موضوع تي پڻ لکندو رهيو آهي. سندس هڪ مضمون سُر ڪيڏاري بابت ثقافت ۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ جي ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ شامل آهي.[1]

حوالا سنواريو