رئيس الاهي بخش ولد رئيس جلال الدين ٻانڀڻ سنڌ جو ھڪ سياستدان آھي. سندس جنم 1934ع ڌاري ڳوٺ ڪنڊيارِي، تعلقي فيض گنج، ضلعي خيرپور ۾ ٿيو.

سياست جي شروعات سنواريو

ننڍو کنڊ تي انگريزن جي حڪومت انهن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ خلاف پوري پوري ننڍي کنڊ جي حريت پسندن پوري جاھ ۽ جلال سان منظم ٿي جنگ جوٽي ته هيءُ به انگريزن جي ڪٽر مخالف سيد صبغت الله شاھ ”سورهيا بادشاھ“ جي لشڪر ۾ شامل ٿيو، جنهن جي ڪري کيس جيل جون سخت اذيتون به برداشت ڪرڻيون پيون. ان وقت الاهي بخش ٻانڀڻ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ ٻيو درجو انگريزي پڙهندو هو. والد جي وفات کانپوءِ ننڍي عمر ۾ ئي گهر جي ذميوارين جي ڪري وڌيڪ تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. هن سياسي زندگيءَ جي شروعات مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪرڻ سان ڪئي. هيءُ صدر ايوب خان جي حڪومت ۾ اولھ پاڪستان (ويسٽ پاڪستان) اسيمبليءَ جو ميمبر پڻ رهيو. 1970ع واري اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان پ. پ. پ جي نامزد اميدوار ملوڪ شر کي شڪست ڏئي ميمبر چونڊيو. هيءُ اڳتي هلي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيو. سنڌ جي مفڪر ۽ قومي اڳواڻ جي. ايم سيد سان ويجهڙائپ ۽ رسول بخش انڙ جي رفاقت کيس قومپرست ڪري ڇڏيو،

سياسي ڪارناما سنواريو

هن 1972ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ بابت بل پيش ڪيو. هن ڪنب کان ڪوٽ لالو لنڪ روڊ، فيض گنج تعلقي ۽ ٺري ميرواھ تعلقي ۾ بجليءَ جي سهوليت ڏياري. هن 9 مئي 1989ع تي وفات ڪئي.[1]

حوالا سنواريو