ائڊووڪيٽ ۽ نوجوان شاعر اقبال رند، تعلقي ڪوٽ غلام محمد ضلعي ميرپورخاص جي ويجهو ’لانڍي‘ ڳوٺ ۾ 1970ع ڌاري، تر جي مشهور پرائمري -استاد- ۽ قومي ڪارڪن محمد جمن رند جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري ۽ سيڪنڊري -تعليم- ڪوٽ غلام محمد مان حاصل ڪري، 1986ع ۾ گورنمينٽ شاهه عبداللطيف ڪاليج ميرپورخاص مان انٽر پاس ڪيائين. ايم. اي سنڌي ۽ ايل. ايل. بي به ڪيل اٿس. 1990ع کان شاعري ڪيائين، غزل ۽ وائيءَ جي صنف ۾ نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو. هن وقت سيشن ڪورٽ، ڪوٽ غلام محمد ۽ ميرپورخاص ۾ وڪالت ڪري رهيو آهي. سندس شاعري جو مجموعو ”خوشبوءِ جي تنهائي“ (2005) ۾ ڇپيل آهي. هو هن وقت ميرپور خاص ۾ رهي ٿو.[1]

حوالا سنواريو



پڻ ڏسندا سنواريو