22 کان 24 فيبروري 1974ع تي -ان- وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ لاهور ۾ اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس ٿي. -ان- موقعي تي جيڪو گڏيل اعلان پڌرو ٿيو، سو ”اعلان لاهور“ جي نالي سان مشهور آهي. -ان- ۾ چيو ويو ته: (1) مسلمان قومن جو -اتحاد- نسل ۽ -ثقافت- تي نه، پر مساوات ۽ اخوت تي آهي، (2) اسين ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني -آمريڪا- جي مشترڪ جدوجهد سان گڏ آهيون، (3) اسين مسلمانن جي يڪجهتيءَ کي فروغ ڏيڻ جو عزم ڪريون ٿا، (4) اسين عرب ملڪن ۽ فلسطين جي -آزاديءَ جي تحريڪ- کي ساراهيون ٿا، (5) اسين اسلامي ڪانفرنس ۽ -ان- جي سيڪريٽريٽ جي سرگرمين کي ساراهيون ٿا، (6) اسين جارحيت جي خلاف آهيون، (7) عرب ملڪن جي مؤثر ۽ مڪمل حمايت هجڻ گهرجي ۽ (8) -بيت المقدس- جي آزاديءَ جي لاءِ گڏيل جدوجهد هئڻ گهرجي.[1]