اعراب (Dicrairiticle Marks) عربي زبان جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي نشاني يا علامت. هر لفظ کي صحيح نموني اچارڻ لاءِ زيرون زبرون ۽ پيش وغيره ڏنا ويندا آهن. اهڙيءَ ريت شد، مد ۽ جزم وغيره اعرابن ۾ شامل آهن. اعراب ڇوٽي حرف علت جو درجو رکي ٿي اِعرابُون اسم جون جدا جدا حالتون ڏيکارين ٿيون. سنڌيءَ ۾ انھن جي وڏي اهميت آهي. جتي لفظ جي پڇاڙيءَ واري حرف تي اعراب سان اسم جي مذڪر مونث (جنس)، واحد جمع (عدد) ۽ ٻين حالتن جي خبر پوي ٿي. [1]

يا مصداق قول احسنت

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.