اعتِڪافُ: عبادت لاءِ ڪنهن خلاصي جاءِ ۾ گوشه نشيني. رمضان شريف جي پوئين ڏهي (ڏهن ڏينهن ۾) مسجد ۾ گوشه نشين ٿي ويهڻ[1]. هي عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جو مفهوم آهي ”ترسڻ“، ”بيهي رهڻ“[1]. مسلمانن جي مذهبي اصطلاح ۾ اِن مان مراد هڪڙي خاص عبادت آهي، جنهن جو طريقو هيءُ آهي ته ڪو مومن ڪجهه ڏينهن مسجد ۾ رهي ۽ ٻاهر نه نڪري، روزا رکي ۽ پنهنجو وقت قرآن شريف پڙهڻ ۽ ديني ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۽ خدا جي ذڪر ۾ گذاري[1]. اعتڪاف مان مراد آھي تہ ماڻھو ڪجهه وقت لاءِ دنيا جي تعلقاتن ۽ مصروفيتن کان الڳ ٿي مسجد ۾ ويھي ۽ اتي ذڪر فڪر ۽ الله جي ياد ۾ گذاري[2]. رمضان جي پوئين ڏھاڪي ۾ ھي عمل ڪرڻ سنت موڪدہ ڪفايه آھي[2]. نبي سڳورا رمضان جي آخري ڏهن ڏينهن ۾ -اعتڪاف- ۾ ويهندا هئا. اڃا تائين مسلمان انهيءَ سنت نبويءَ جي پيروي ڪندا آهن[1].

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=اعتڪاف
  2. 2.0 2.1 - ڪتاب: آسان فقه، از: مولانا محمد يوسف اصلاحي، مترجم: محمد عاشق ڌامراھا، مھراڻ اڪيڊمي شڪارپور، جنوري 2002 - صہ 299