اعتراضَ يا رزرويشنس (Reservations) ڪنهن به رياست طرفان ڪيل معاهدي جي ڪجهه شقن کي تبديل يا ترميم ڪرڻ لاءِ مخصوص قسم جو بيان جاري کي چيو ويندو آهي. جنهن ڪري معاهدي تي عمل ڪجهه دير لاءِ ٽاريو ويندو آهي. اها صورتحال معاهدي ۾ شامل ٿيندڙ ڌرين مان ڪنهن رياست کي معاهدي جو حصو ٿيڻ لاءِ ڪجهه وقت مهيا ڪري ڏيندي آهي ته جيئن اها سوچي سمجهي فيصلو ڪري سگهي. عام طور تي ڪابه رياست پنهنجي ”اعتراضن “ جو اظهار تڏهن ڪري سگهي ٿي، جڏهن اُها ڪنهن معاهدي کي قبول ته ڪري چُڪي هُجي، پر ڪجهه داخلي يا سياسي مسئلن ۽ مصلحتن جي ڪري، معاهدي تي صحي ڪرڻ کان اڳ ڪن حلقن جي اعتراضن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي. ڪا به رياست پنهنجي ”اعتراضن“ جو اظهار رياست جي سربراهه، حڪومتي سربراهه يا پرڏيهي وزير طرفان باقاعدي بيان ذريعي ڪري سگهي ٿي، ”اعتراشن“ لاءِ ضروري ناهي ته اهي ڪنهن به ڪيل معاهدي کي رد ڪري ڇڏين. ڪن معاهدن ۾ ته مورڳو ڪنهن به قسم جي اعتراضن جي گنجائش ئي نه رکي ويندي آهي يا رڳو محدود حد تائين ائين ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي.[1]

حوالا سنواريو