اظهار مٺل جسڪاڻي

اظهار مٺل جسڪاڻي بنيادي طور تي مائيننگ (کاڻين جو ڪم) انجنيئر هئڻ سان گڏوگڏ هڪ نوجوان ۽ نمائنده تخليقار پڻ آهي.

خانداني پس منظر سنواريو

هن 2 فيبروري 1990ع ۾ حيدرآباد ضلعي جي ڳوٽ ٽئونر خان جسڪاڻي عرف جهوڙو پٽيل لڳ ٽنڊوڄام ۾ پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد وانگر سندس شاعري ۽ مضمون به مختلف اخبارن، رسالن ۽ انٽرنيت تي شايع ٿيندا رهن ٿا.