اطهر منگي سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل شاعر آهي. هن جو اصل نالو علي نواز منگي آهي. 28 -اپريل- 1948ع ۾ هن لاڙڪاڻي ضلعي هاڻوڪي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي تعلقي نصيرآباد جي ڳوٺ واسو ڪلهوڙي ڳوٺ ۾ -جنم- ورتو، 60 واري ڏهاڪي ۾ سندس والدين دادو شهر جي جڳت -آباد- محلي ۾ اچي رهيا، هن جي -تعليم- ايم. اي ۽ بي. ايڊ آهي. هو 1984ع کان پي ٽي وي ڪراچيءَ تي اسسٽنٽ پروڊيوسر مقرر ٿيو. بعد ۾ 1989ع ۾ ڪوئيٽا سينٽر ۾ مقرر ٿي آيو، هن پي. ٽي. وي اڪيڊمي -اسلام- -آباد- طرفان پراڊڪشن جا مختلف ڪورس ڪيا، -ان- کان سواءِ اليڪٽرانڪ گرافڪس ۾ مهارت حاصل ڪيائين. پي. ٽي. وي ڪوئيٽا تي بلوچي، پشتو ۽ براهويءَ ۾ ٻارن جا پروگرام، ڊراما ۽ ڊاڪومينٽريون پيش ڪيون، -ان- کان سواءِ ڪيترو وقت ايڊيٽنگ جي شعبي ۾ رهيو. -پاڪستان- -ٽيليويزن- ڪوئيٽا -تان- سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ڪيو اٿس. سٺو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ نقاد آهي. شاعريءَ ۾ غزل سندس پسند جي صنف آهي. سندس سنڌي شاعريءَ جا ٻه مجموعا ”ڪومل جذبا سهڻيون سوچون“، ”گيت سحر جا“ ڇپائيءَ لاءِ تيار آهن، هن -اردو- شاعري پڻ ڪئي آهي، سندس -اردو- شاعريءَ جا -ٻه ڪتاب- ”دهوپ ڪِي تمازت“ ۽ ”خواب جزيره“ پڻ ترتيب هيٺ اٿس. هن وقت ڪوئيٽا ۾ رهائش پذير آهي.[1]

حوالا سنواريو