اصغر پسيو (انگريزي:Asgher Pusio) سنڌي ٻولي جو شاعر آهي.

اصغر پُسيو

زندگي جو احوال سنواريو

اصغر پسيو جو پورو نالو اصغر علي پسيو ولد رانجهن خان پسيو آهي. هيءُ 2 نومبر 1976ع تي ڳوٺ محمد بچل پُسيو، سنڌ جي دادو ضلعي ،تعلقي خير پور ناٿن شاھ ۾ پيدا ٿيو.[1]

تعليم سنواريو

پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ محمد بچل پسيو[2] ۾ حاصل ڪيائين. مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٿرڙي جادو شهيد مان 1995ع ۾ ۽ انٽر جو امتحان گورنمينٽ ڪاليج خيرپور ناٿن شاھ مان 1997ع ۾ پاس ڪيائين.[1]

شاعري سنواريو

اصغر پسيو شاعري جي شروعات سال 1998ع ۾ ڪئي. هن ڪيترائي گيت ۽ غزل لکيا آهن جيڪي معياري سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. سندس شاعري شبير شاهاڻي ۽ ٻين ڪيترن مشهور فنڪارن ڳائي آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 1.2 "Poets and writers". Aziz Kingrani. حاصل ڪيل 2020-01-01. 
  2. "ڪڪڙ: پيرسن پير ترڪڻ سبب کڏ ۾ ٻڏي فوت -" (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2020-01-01.