اصحاب الرس
اصحاب الرس قرآن مجيد ۾ بيان ڪيل انھن قومن مان ھڪ آھي جن مٿان خدا جي نافرماني ڪرڻ سبب عذاب نازل ٿيو ھو. قرآن مجيد ۾ ٻن ھنڌن تي ھن قوم جو ذڪر آيل آھي.
قرآن مجيد ۾ ذڪر
سنواريوقرآن مجيد ۾ ارشاد آھي :
- وَّ عَادًا وَّ ثَمُوۡدَا۠ وَ اَصۡحٰبَ الرَّسِّ وَ قُرُوۡنًۢا بَیۡنَ ذٰلِکَ کَثِیۡرًا ﴿38﴾[1]
ترجمو : ۽ عاد ۽ ثمود ۽ رس وارن ۽ ان جي وچ ۾ ڪيترين قومن کي اسان ھلاڪ ڪيو.
- کَذَّبَتۡ قَبۡلَہُمۡ قَوۡمُ نُوۡحٍ وَّ اَصۡحٰبُ الرَّسِّ وَ ثَمُوۡدُ ﴿ۙ12﴾[2]
ترجمو : ۽ ان کان اڳ ۾ نوح جي قوم، رس (کوھ) واري قوم ۽ ثمود قوم بہ (نبي سڳورن) کي ڪوڙو ڪيو.
تعارف
سنواريو"رس" جي لغوي معنيٰ "کوھ " آھي. اھڙي طرح "اصحاب الرس" جي معنىٰ "کوھ وارا" ٿيندي. ان لقب جو سبب ھي ٻڌايو وڃي ٿو تہ ھن قوم پاڻ ۾ مبعوث ٿيل نبي کي ھڪ کوھ ۾ اندر قيد ڪيو ھو.