اليگزينڊريا
اسڪندريہ:Alexandria: (/ˌælɪɡˈzændriə/ يا /-ˈzɑːnd-/;[3] عربي ۾ |الإسكندريةCoptic: Ⲁⲗⲉⲝⲁⲛⲇⲣⲓⲁ, Ⲣⲁⲕⲟⲧⲉ Alexandria, Rakotə) مصر جو ھڪ وڏو شھر،اھم تجارتي، صنعتي ،معاشي ۽ سياحت جو مرڪز جيڪو ميڊيٽرينين سمنڊ تي مصر جي اتر اولهه واري ڪناري تي واقع آهي.
اسڪندريہ Alexandria الإسكندرية | ||||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|---|
ميٽروپولس | ||||||||
Clockwise from top:
{{اسٽينلي پل، مونٽازا محل, ڪورنيش(Corniche)، ببلياٿيڪا( Bibliotheca)،المورثي عبدالعباس مسجد،قائتبا قلعو}} | ||||||||
| ||||||||
عرفيت: ميڊيٽرينين سمنڊ جي ڪنوار، ميڊيٽرينين سمنڊ جو موتي | ||||||||
Location in Egypt | ||||||||
جاگرافي بيهڪ: 31°12′N 29°55′E / 31.200°N 29.917°E | ||||||||
ملڪ | مصر | |||||||
گورنريٽ | اسڪندريہ | |||||||
قيام | 331 BC | |||||||
باني | سڪندراعظم | |||||||
حڪومت | ||||||||
• گورنر | محمد سلطان[1] | |||||||
پکيڙ[مشڪوڪ ] | ||||||||
• ڪل | 2,679 ڪ.م2 (1,034 ميل2) | |||||||
بلندي | 5 ميل (16 ft) | |||||||
آبادي (27/11/2017[2])[مشڪوڪ ] | ||||||||
• ڪل | 5,172,387 |
ھن شھر جو بنياد سڪندر اعظم 332 ق.م ۾ وڌو ۽ جلد ئي يوناني تھذيب (Hellenistic civilization) جو مرڪز ٿي ويو ۽ بعد ۾ ٽالمي بادشاھت (Ptolemaic Kingdom)، روم جي صوبي مصر جو ھڪ ھزار سالن تائين گاديءَ جو هنڌ رھيو. يوناني اسڪندريہ لائيٽ ھائوس جي ڪري مشهور هو جيڪو دنيا جي ستن عجوبن مان ھڪ آھي. ان کان علاوه اتي دنيا جي قديم لائبريري، تاريخي قبرستان (Necropolis) پڻ ان جي مشھوري جو سبب آهن. اھو قديم دنيا جو روم کان پوءِ تمام وڏو شھر ھيو.
تاريخ
سنواريواسڪندريہ جي عروج جو ڇھ سؤ ساله دور ٽين صدي قبل مسيح کان شروع ٿئي ٿو.ان دؤر ۾ انسان پنھنجي شعور جو تمام اھم سفر شروع ڪيو جيڪو اڄ اسان کي خلا جي ڪناري تي وٺي آيو آهي[4].ھن شھر جو بنياد سڪندر اعظم وڌو هو ۽ بعد ۾ ھن جي اڳوڻي محافظ ان کي مڪمل ڪرايو.سڪندر اجنبي تھذيب جي احترام ۽ کليل دل سان علمي تحقيق جي حمايت ڪندو هو.ھن پنھنجي جنرلن ۽ سپاھين کي ايراني ۽ ھندوستاني عورتن سان شادي ڪرڻ لاء ھمٿ افزائي ڪئي.ھن ٻين قومن جي ديوتائن جو احترام ڪيو.ھن پنھنجي استاد ارسطوءَ لاءِ ھاٿي گھرايو هو. ان جو ھي شھر اسڪندريہ فراخدليءَ سان ٺھرايو ويو تہ اھو واپار، علم ۽ تھذيب جو مرڪز ٿي سگھي. ھن شھر ۾ ٺھرايل 30 ميٽر ويڪريون سڙڪون ھن جي شان ۽ شوڪت ۾ اضافو ڪنديون هيون. فن تعمير جا نفيس نمونن ۾ مجسما، سڪندراعظم جو مقبرو، روشنيءَ جو وڏو منارو شامل آهن جن مان روشني جو منارو قديم ستن عجوبن ۾ شامل آھي.پر اسڪندريہ جو سڀ کان وڏو عجوبو ان جي لائبريري ۽ ان سان لڳولڳ عجائب گھر ھيو.اھا لائبريري دنيا جو پھريون تحقيقي ادارو ھيو ۽ ان جا عالم پوري ڪائنات جو مطالعو ڪندا ھئا. ھن لائبريري ۾ عالمن جي برادري ھوندي ھئي جيڪا طبعيات، ادب، طب، فلڪيات، جاگرافي، فلسفي، رياضي، جسمانيات،۽ انجنيئرنگ تي غور ڪري رهي هئي.اتي ذھانت جي پرورش ٿي رھي ھئي.اسڪندريہ جي لائبريري ۾ انسانن پھريون دفعو سنجيدگي۽ باقائدگي سان دنيا جا علم جمع ڪيا. اندازي مطابق عروج واري دؤر ۾ ان لائبريري ۾ پنج لک ڪتاب ھوندا[5].
حوالا
سنواريو- ↑ "Alexandria Governor - Dr.Mohamed Ali Ahmed Ali Sultan".
- ↑ CAPMAS. "الجهاز المركزي للتعبئة العامة والإحصاء". www.capmas.gov.eg.
- ↑ "Alexandria". Collins Dictionary. حاصل ڪيل 24 September 2014.
- ↑ {کتاب: کائنات؛ از:کارل ساگان؛ ترجمہ :منصور سعید؛اشاعت:1996؛ صہ 25 پبلشرز: فکشن ہائوس، لاہور }
- ↑ {کتاب: کائنات؛ از:کارل ساگان؛ ترجمہ :منصور سعید؛اشاعت:1996؛ صہ 26,27,28, پبلشرز: فکشن ہائوس، لاہور }