اسپيڪٽرم یا طیف (The Spectrum): جڏهن به منشور (ٽه ڪنڊي بلور) مان سج جي روشني يا اڇي روشنيءَ جي ورڇ (Dispersion) ٿئي ٿي ته مختلف رنگن جي -پٽي- ٺهي ٿي، جنهن ۾ ڳاڙهو، ترنجي (نارنگي)، پيلو، سائو، نيرو (آسماني)، نيرو بنفشي (Indigo) ۽ واڱڻائي رنگ ٿين ٿا. اهڙيءَ طرح ٺهيل رنگن جي -پٽي- کي -اسپيڪٽرم- (Spectrum) چئبو آهي. هن جا رنگ ترتيب سان ٻارن کي ياد ڪرائڻ لاءِ هڪ لفظ ٺاهيو ويو آهي. ”ڳتپسانو“، جيئن انگريزيءَ ۾ لفظ Vibgyor ٺهيل آهي. -انڊلٺ- ۾ به اهي ئي رنگ ڏسبا آهن.[1]

حوالا سنواريو