هيءُ هڪ ٻوٽيءَ جو -ٻج- ۽ پسارڪو وکر آهي، جنهن کي عربيءَ ۾ ”رقطونا“ ۽ فارسيءَ ۾ ”اسپغول“ سڏجي ٿو. هن جا ٻه ٽي قسم ٿين ٿا، جيئن اڇو، ڳاڙهو، ڪارو ۽ اڇو پر ڳاڙهاڻ مائل. هي پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان ڦونڊجي وڃي ٿو. طبي لحاظ کان آنڊن جي زخم، پيچش ۽ پيٽ ۾ مروڙ جي بيماريءَ ۾ -اسپنگر- جي تهِي پاڻيءَ ۾ ملائي پيئڻ سان آرام ايندو آهي. -اسپنگر- کي هلڪي سٽڻ ڪٽڻ سان اُن جون کلون يا تُههَ لهي وڃن ٿا، انهن کلن کي ”اسپنگر جي تُهِي“ سڏبو آهي، جيڪا پڻ پسارڪي وکر ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ پيٽ جي بيماريءَ ۽ خشڪي لاهڻ لاءِ علاج طور ڪم اچي ٿي. اڄڪلهه دوائن جون ڪمپنيون ”اسپغول“ جي نالي سان -اسپنگر- جي صاف ٿيل -تهي- پئڪيٽن ۾ تيار ڪري رهيون آهن.[1]

Psyllium seed husk pile

حوالا سنواريو