اسپائرل بيڪٽيريا

وڪڙدار بيڪٽيريا يا اسپائرل بيڪٽيريا (Spiral bacteria) ھڪ پيچدار، ڇليدار، يا وڪڙدار شڪل جي پروڪاريوٽز جي بيڪٽيريائي جيو گھرڙي جي مارفالاجي واري گروھه بندين جي ٽن وڏن گروھن مان ھڪ گروه جو نالو آهي. باقي ٻن گروهن ۾ راڊ جي شڪل جا بسيلاء ۽ گولائي شڪل جا ڪاڪاء شامل آھن.[1][2] اسپائرل بيڪٽيريا وري ڪيترن ئي ذيلي گروھن ۾ ورھائي سگھجن ٿا جيڪا ورهاست ان جي جيو گھرڙي جي ٿولھه، لچڪ ۽ حرڪت جي صلاحيت جي فرق جي بنياد ٿيندي آهي. اسپائرل جيو گھرڙي جا ٻہ قسم ھوندا آھن؛

  • ھڪ قسم اسپائرلم (spirillum؛ جمع: اسپائرلا) جيڪي گرام نيگيٽو ۽ سخت ھوندا آھن جنھن جو فلجيليم (flagellum) يا پڇ جھڙو حصو ٻاھر نڪتل ھوندو آھي.
  • ٻيو وري اسپائروڪيٽز (spirochetes) آھن جيڪي لچڪدار ھوندا آھن جنھن جو فلجيليم اندر ھوندو اٿس.[3]
ڪيمپيلوبيڪٽر جيجونيھڪ عاماسپائرلمبيڪٽيريم آھي
سنھڙو اسپائروڪيٽز ٽريپونيما پيليڊم بيڪٽيريا جيڪو سائيفلس پيدا ڪندڙ ايجنٽ آھي
  1. Csuros, Maria; Csuros, Csaba (1999). Microbiological Examination of Water and Wastewater. Boca Raton, Florida: CRC Press. pp. 16–17. ISBN 9781566701792. 
  2. Young, Kevin D. (September 2006). "The Selective Value of Bacterial Shape". Microbiology and Molecular Biology Reviews 70 (3): 660–703. doi:10.1128/MMBR.00001-06. PMID 16959965. 
  3. Taro, Kathleen (2007). Foundations in Microbiology (6th International ed.). McGraw-Hill. pp. 108–109. ISBN 0071262326. https://books.google.com/books?id=4hhgYEJZfisC&lpg=PA109&ots=H00PWNP44F&dq=spirillum%20and%20spirochete&pg=PA108#v=onepage&q&f=false. Retrieved 11 September 2017.