اسماعیل ھانيہ جو قتل

اسماعيل ھانيه جو قتل 31 جولاءِ 2024ع تي حماس جي سياسي اڳواڻ اسماعيل هانيه کي ايران جي شهر تھران ۾ سندس رهائشگاهه تي صبح جو سوير ھڪ ميزائيل حملي ۾ قتل ڪيو ويو.[3][4] ھانيه نئين چونڊيل ايراني صدر مسعود پيزشڪيان جي افتتاحي صدارتي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي رھائشگاھ تي آيو ھو.

حصو سلسلو اسرائيل حماس جنگ

هانيه 2022ع تي
وقت ت. 02:00 ايراني وقت مطابق[1]
تاريخ 31 جُولاءِ 2024ع
قسم ميزائل حملو
شريڪ  Israeli Air Force (حماس ۽ ايران جي مطابق)[2]

ھانيه 1987ع کان حماس جي اندر هڪ متحرڪ ۽ نمايان اڳواڻ ھو. ھي فلسطيني اقتدار جي وزير اعظم ۽ غزه پٽي ۾ حماس جي سربراهه جي حيثيت ۾ ڪم ڪري چڪو ھو. ھن کي 2017ع ۾، حماس جي سياسي بيورو جو سربراهه چونڊيو ويو.

هن جو قتل، ھلندڙ اسرائيل-حماس جنگ ۾ سڀ کان اھم قتلن مان ھڪ قتل آھي.[5]