اسمارٽ ٽيڪسٽائل پيونگ

آسٽريلوي ڪمپني اهڙا جديد ٽائلز ٺاهي رهي آهي، جيڪي هلندي موبائل يا سيل فون استعمال ڪندڙن کي روڊ پار ڪرڻ نه ڏيندا. موبائل فون استعمال ڪندي گاڏي هلائڻ يا روڊ تي گهمڻ قانوني ڏوهه سان گڏوگڏ نقصانڪار عمل پڻ آهي، جنهن جي حل لاءِ آسٽريلوي ڪمپني اسمارٽ ٽيڪسٽائل پيونگ شروع ڪرائي رهي آهي، اسمارٽ ٽيڪسٽائل پيونگ هڪ ٽريفڪ سنگل جيان ڪم ڪندو. روڊ تي لڳايل اهي ٽائلز ڪئميرائن ۽ پاڻمرادي نظام سان لاڳاپيل آهن، جنهن سان ائين ٿيندو ته ڪو موبائل استعمال ڪندڙ ماڻهو روڊ جي ويجهو پهچندو ته اهي ٽائل ڦڪي روشني ظاهر ڪندا، پر جيڪڏهن اهو ماڻهو ان عمل کي نظرانداز ڪري روڊ تي قدم رکندو ته ٽائلن مان ڳاڙهي رنگ جي تيز روشني نڪرڻ لڳندي، جيڪا موبائل استعمال ڪندڙ کي ڇرڪائي ڇڏيندي. جرمني جي شهر ميونخ جي ڪجهه علائقن ۾ اڳ ئي اهڙا جديد ٽيڪنالاجي وارا ٽائلز لڳي چڪا آهن، جيڪي موبائل استعمال ڪندڙن کي روڊ جي ويجهو اچڻ تي خبردار ڪندا آهن.[1]